لاهور (ويب ڊيسڪ)مسلم ليگ ن جي اميدوار مريم نواز پنجاب جي وڏي وزير چونڊجي وئي. مريم نواز 220 ووٽ حاصل ڪري پاڪستان جي تاريخ جي پهرين وڏي وزير چونڊجي وئي جڏهن ته سندس مخالف اميدوار راڻا آفتاب کي ٻڙي ووٽ مليا. پنجاب ۾ وڏي وزير جي چونڊ دنگل جي حوالي سان اسيمبلي جو اجلاس 30 منٽن جي دير سان شروع ٿيو.پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر ملڪ محمد احمد خان جي صدارت هيٺ ٿي رهيو آهي،مسلم ليگ ن ۽ اتحادين جي پنجاب جي وڏي وزير جي اميدوار مريم نواز جي فتح يقيني آهي،سني اتحاد ڪائونسل جي اميدوار رانا آفتاب مريم نواز جي مقابلي ۾ آهي،مسلم ليگ ن، اتحاد ۽ سني اتحاد ڪائونسل جي ميمبرن جو وڏو انگ ايوان ۾ موجود آهي. اتحاد ڪائونسل جي اميدوار رانا آفتاب خطاب ڪرڻ جي ڪوشش تي اسپيڪر روڪي ڇڏيو جنهن تي اپوزشن واڪ آئوٽ ڪري ڇڏيو
منهنجي آفيس ۽ دل جا دَر اپوزيشن لاءِ به هر وقت کليل آهن: مريم نواز
لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي نئين چونڊيل وزيراعليٰ مريم نواز چيو آهي ته منهنجي آفيس ۽ دل جا دَر هر وقت اپوزيشن لاءِ به کليل آهن. پنجاب اسيمبلي اجلاس ۾ خطاب ڪندي مريم نواز چيو ته اپوزيشن وارا هتي هوندي گوڙ ڪن ها ته مون کي خوشي ٿئي ها، اپوزيشن جي نه هجڻ تي افسوس آهي، مان انهن جي به وزير اعليٰ ۽ نياڻي آهيان.هن چيو ته مان رڳو ن ليگ جي نه پر سڄي پنجاب جي وزير اعليٰ آهيان، تنهن ڪري اپوزيشن کي به جڏهن منهنجي ضرورت هوندي ته مان موجود هونديس.سندس چوڻ هو ته اسان مسئلن جا بهترين حل پيش ڪنداسين، رمضان ۾ عوام کي رليف ڏينداسين، اڄ کان ئي مهانگائي تي ڪنٽرول لاءِ مانيٽرنگ شروع ڪري رهي آهيان.مريم نواز خطاب دوران ماءُ جو ذڪر ڪندي روئي ڏنو ۽ چيائين ته اسان تي ڏاڍو ڏکيو وقت آيو، سڀ ڪجهه اسان جي خلاف هيو، ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو ويو پر اسان ميدان خالي نه ڇڏيو.










