پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊ ڪرائڻ ممڪن ناهي، اليڪشن ڪميشن

پنجاب ۾ 14 مئي تي چونڊ ڪرائڻ ممڪن ناهي، اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان 14 مئي تي پنجاب اسيمبليءَ جي چونڊن کي واضح طور تي ناممڪن قرار ڏئي ڇڏيو.اليڪشن ڪميشن ان حوالي سان 3 رپورٽون سپريم ڪورٽ ۾ جمع ڪرائي ڇڏيون آهن.اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته ڄاڻايل تاريخ تي صوبائي چونڊون ڪرائڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي.سپريم ڪورٽ ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ ڪا به تاريخ مقرر نه ڪئي آهي.مقرر تاريخ تائين ضروري انتظام مڪمل ڪرڻ ممڪن ناهي، جڏهن ته چونڊون ملتوي يا منسوخي جو اعلان ايندڙ هفتي ڪيو ويندو.سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي وڌيڪ ٻڌڻي لاءِ طلب نه ڪيو آهي.چيف جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ گذريل مهيني 4 اپريل تي پنجاب اسيمبلي جي چونڊ 14 مئي تي ڪرائڻ جو حڪم جاري ڪيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو