پنجاب اسيمبلي جي بحالي واري درخواست ڏنڊ سان گڏ رد

پنجاب اسيمبلي جي بحالي واري درخواست ڏنڊ سان گڏ رد

لاهور)ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي بحالي لاءِ داخل درخواست ڏنڊ سان رد ڪري ڇڏي.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس شاهد ڪريم شرف علي نالي شهري طرفان پنجاب اسيمبلي جي بحالي لاءِ داخل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته پنجاب جي وڏي وزير بنا ڪنهن سبب جي اسيمبلي ٽوڙي ڇڏي، درخواستگذار جو تعلق فيصل آباد سان آهي. ۽ سياسي ڪارڪن آهي.درخواست تي ٻڌڻي دوران جسٽس شاهد خاقان عباسي پڇاڻو ڪيو ته درخواست ڪنهن ڏني آهي، ڪهڙي قسم جي درخواست داخل ڪئي وئي آهي، اهڙيون درخواستون عدالت جو وقت ضايع ڪن ٿيون.بعد ۾ عدالت درخواست ناقابل سماعت قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.عدالت چيو ته جيڪڏهن توهان ڏنڊ معاف ڪرڻ جي درخواست ڪئي ته مان توهان کي 2 لک رپيا ڏنڊ ڏيندس.

پهنجو تبصرو موڪليو