لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي پنجاب اسيمبلي جو اجلاس 22 مئي آچر تي طلب ڪري ورتو آهي، جڏهن ته ان کان اڳ اهو اجلاس 30 مئي تي طلب ڪيو ويو هو.ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيڪر چوڌري پرويز الاهي پنهنجا آئيني اختيار استعمال ڪندي اجلاس جي تاريخ تبديل ڪئي.پنجاب اسيمبلي جي اسپيڪر پاران 22 مئي تي اسيمبلي جو اجلاس طلب ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي.










