پنجاب اسمبلي جي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي رٿ

پنجاب اسمبلي جي اسپيڪر خلاف عدم اعتماد جي رٿ

لاهور(ويب ڊيسڪ)مخالف ڌر جي پنجاب اسيمبلي ميمبرن کي لاهور وڃڻ کان روڪي ڇڏيو. ن ليگ ذريعن موجب پنجاب اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي ڪنهن به ميمبر کي لاهور وڃڻ جي اجازت نه ڏني وئي آهي ۽ ايم پي ايز کي مختلف گروپن ۾ ورهائي گڏ رهڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ايم پي ايز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو هڪ ڪلاڪ جي مختصر اطلاع تي پنجاب اسيمبلي پهچڻ لاءِ تيار رهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپيڪر خلاف بي اعتمادي واري رٿ تي ميمبرن کان پنجاب اسيمبلي به صحيحون ڪرايون آهن ۽ ٽن مختلف دستاويزن تي سمورن ايم پي ايز دستخط ڪيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو