اوٻاوڙو(ن سنڌيار)اوٻاوڙو مان غلام علي رند جي رپورٽ مطابق پنج ٻارن جي ماء کي اغواھ ڪرڻ بعد زبردستي نڪاح ڪرايو ويو جنهن بعد هو وجھ وٺي پنهنجي ڀائرن وٽ پهچي وئي اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ اللله بخش جي رهواسڻ مسمات رابيه زال سليمان رند ميڊيا اڳيان داهيندي ٻڌايو آھي ته مونکي ڪجھ بااثر جوابدارن بينظير انڪم سپورٽ جا پسئا وٺڻ بحاني مک جوابدار نور احمد رند۔صبحان علي رند۔قربان علي رند۔شڪور رند۔اغواھ ڪري زبردستي نڪاح ڪيو آھي جوابدار نور احمد موٽر سائيڪل تي کڻي ويو جنهن بعد سونڻ شاخ وٽ صبحان علي۔قربان علي۔۽ شڪور رند۔ ڪار تي بيٺا هئاجيڪي ڪار ۾ مونکي ۽ منهنجي پٽ نادر علي کي کڻي اغواھ ڪري ويا جيڪي مسلسل نور احمد سان زبردستي شادي ڪرائڻ تي مجبور ڪندا رهيا۔۽ چوندا رهيا ته تون نور احمد سان شادي ڪر اگر ڪورٽ ميرج نه ڪندين ته تنهنجي پٽ نادر علي قتل ڪري ڇڏينداسون جنهن بعد مسمات رابيه جو وڌيڪ چوڻ آھي ته مجبورن بيوس ٿي صادق آباد جي عدالت ۾ پرڻو ڪيو هاڻي جوبدارن کان وجھ وٺي پنهنجي ڀاء امداد وٽ پهتي آھيان منهنجو ڪنهن به قسم جو نور احمد سان نڪاح ناهي هي نڪاح ڪوڙو سمجهيو وڃي اغواھ ٿيل ناري جو ڄاڻايل جوبدارن خلاف ايس ايس پي گهوٽڪي کان نوٽس وٺڻ جو مطالبو ڪندي گهر ڪئي سندن خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي










