پلاسٽڪ جا آنا وڪرو، پوليس جو ڇاپو دڪاندار گرفتار

پلاسٽڪ جا آنا وڪرو، پوليس جو ڇاپو دڪاندار گرفتار

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پلاسٽڪ جي چانورن بعد پلاسٽڪ جا آنا وڪرو ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ڊفينس ۾ سنڌ فوڊ اٿارٽي جي ٽيم ۽ درخشان ٿاڻي جي پوليس هڪ جنرل اسٽور تي ڇاپو هنيو، جتان مبينا طور ٻه ڪريٽ نقلي آنا تحويل ۾ ورتا ، سنڌ فوڊ اٿارٽي موجب  جنرل اسٽور تان هٿ ڪيل آنا پلاسٽڪ جا ٺهيل هئا، پوليس جنرل اسٽور جي مالڪ ۽ ملازمن کي گرفتار ڪري سندس خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي. جڏهن ته جنرل اسٽور کي سيل ڪري انڊا سپلاءِ ڪندڙ کان به پُڇاڻو ڪيو  پيو وڃي. پوليس موجب نويد وساڻ جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. جنهن ۾ الزام هنيو ويو آهي ته 2 ڏينهن اڳ دُڪان تان آنا خريد ڪيا جيڪي نقلي ۽ پلاسٽڪ جا نڪتا ته هنن پوليس ۽ فوڊ اٿارٽي کي اطلاع ڪيو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو