پشاور (ويب ڊيسڪ)پشاور ۾ رمضان المبارڪ ويجهو اچڻ سان ئي ضروري شين جي اگهن ۾ اضافو ٿي ويو آهي.مارڪيٽ ذريعن موجب پشاور ۾ اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت ۾ 100 رپيا واڌ ٿي وئي آهي.ذريعن ٻڌايو آهي ته مڪس فلور جي 20 ڪلو ٿيلهي جي قيمت 2700 کان وڌي 2800 رپيا ٿي وئي آهي. مارڪيٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته فين اٽي جي 20 ڪلو ٿيلهي جو اگهه 100 رپيا وڌي 2900 رپيا ٿي ويو آهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽماٽر جو اگهه 70 کان 80 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي، جڏهن ته زنده مرغي جو اگهه 370 رپيا في ڪلو ٿي ويو آهي.










