سکر (جئيرام داس )پسند پرڻو ڪندڙ زال مڙس جا ڳلا ڪپيل لاش مليا آهن، وارثن جو چوڻ آهي ته علي ڏنو پٽ دلمراد لاشاري ۽ سندس زال شمع کي برادري جي ماڻهن گهر ۾ گهڙي قتل ڪيو، شڪارپور ڦاٽڪ ڀرسان ڪوارٽر مان اوستا محمد واسي علي ڏنو پٽ دلمراد لاشاري ۽ سندس زال شمع ڌيءَ مير خان لاشاري جا لاش مليا، اطلاع تي پوليس پهچي مقتولن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال کڻائي وئي، لاش اڃان تائين اسپتال ۾ پيل آهن، ان سلسلي ۾ پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدارن علي ڏنو ۽ سندس گهرواريءَ کي ڪهي قتل ڪيو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته مقتولا شمع ڪنهن جي نالي ٿيل هئي، جنهن وارثن جي مرضي کانسواءِ گهران فرار ٿي علي ڏنو سان شادي ڪئي هئي، قتل ٿيل زال مڙس جي وارثن جو چوڻ آهي ته علي ڏنو ۽ سندس گهرواري کي 5 کان 6 جوابدارن گهر ۾ گهڙي قتل ڪيو، جوابدارن جو تعلق لاشاري برادري سان آهي، هوڏانهن پوليس مقتولن جي عزيزن کي پڇاڳاڇا لاءِ حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي.










