پروين رند پاران وڪيل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي

پروين رند پاران وڪيل ڪرڻ لاءِ درخواست ڏئي ڇڏي

نواب شاھ (رپورٽ اي ڪي ڏاھري)پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا پاران بليڪ ميل ڪرڻ ۽ تشدد جو نشانو بڻيل شاگردياڻي پروين رند کي بيان جي لاءِ طلب ڪرڻ بعد پروين رند پيپلز ميڊيڪل اسپتال پھچي يونيورسٽي انتظاميا کي درخواست ڏيندي چيو ته منھنجو وڪيل موجود نه آهي جنھن ڪري بيان جي لاءِ مون کي ٻي تاريخ ڏني۽ مون کي اجازت ڏني وڃي ته مان پنھنجي وڪيل سميت بيان جي لاءِ پيش ٿيان انھي سلسلي۾شاگردياڻي پروين رند چيو ته مون يونيورسٽي انتظاميا کي درخواست ڏني آهي ته مون کي بيان جي لاءِ ٻي تاريخ ڏني وڃي۽ پنھنجي وڪيل سان گڏ پيش ٿيڻ جي اجازت ڏني وڃي ھاڻ يونيورسٽي انتظاميا تي آھي ته مون کي بيان رڪارڊ ڪرائڻ جي لاءِ ڪھڙي تاريخ ڏني وڃي ٿي جڏهن ته مان بيان جي لاءِ پنھنجي وڪيل سان گڏ پيش ٿيندس

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو