ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ جو چوڻ آهي ته پروين رحمان قتل ڪيس ۾ پوليس جي لاپرواهي ڪئي وئي آهي.آءِ جي سنڌ غلام نبي ڳالهائيندي چيو ته پروين رحمان قتل ڪيس ۾ پوليس جي لاپرواهي آهي، ان فيصلي خلاف اپيل ڪنداسين.هن چيو ته جاچ نظام ۾ خاميون آهن جن کي دور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون.آءِ جي سنڌ چيو ته ڪوشش آهي ته هر کاتي ۾ مستقل بنيادن تي مقرريون ڪيون وڃن.سندس چوڻ آهي ته ڊفينس ۾ پوليس اهلڪار جي قتل جو واقعو به پوليس جي بنيادي تربيت جو مسئلو آهي.آءِ جي سنڌ چيو ته جوابدارن جي اي ٽيگنگ تي ڪم اسان جي طرفان مڪمل آهي، هاڻي اهو معاملو ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي وٽ آهي. هن سواليه انداز ۾ چيو ته اي ٽيگنگ سان جوابدارن جي ٽريڪر رکڻ تمام آسان ٿي ويندي، جيڪڏهن جوابدارن کي بنيادي حق آهن ته ڇا متاثرين کي نه آهن؟ آءِ جي سنڌ وڌيڪ چيو ته سيف سٽي پروجيڪٽ لاءِ اٿارٽي قائم ڪئي وئي آهي، پهرين مرحلي ۾ سيف سٽي پروجيڪٽ جي پروٽوڪول تي ڪم ڪيو پيو وڃي.هن اهو پڻ ٻڌايو ته صوبي جي سمورن ٽول پلازن تي هاءِ ريزوليوشن ڪيمرائن جي دستيابي لاءِ ڪم جاري آهي، انهن ڪيمرائن کي بجلي جي بلدياتي فراهمي ضروري آهي ته ڪم جاري آهي.










