اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر جنرل رٽائرڊ پرويز مشرف تي حملي جي جوابدار راڻا تنوير کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.جسٽس سردار طارق مسعود جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي حملي جي ڪيس ۾ گرفتار جوابدارن کي سزا مڪمل ٿيڻ باوجود آزاد نه ڪرڻ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي.درخواستگذار جي وڪيل حشمت حبيب جو چوڻ آهي ته سندس موکل رانا تنوير عمر قيد جي سزا مڪمل ڪري چڪو آهي، سزا پوري ٿيڻ باوجود راڻا تنوير کي آزاد نه ڪيو پيو وڃي.وڪيل حشمت حبيب چيو ته عمر قيد جي سزا 14 سال آهي، منهنجو موکل 20 سالن کان قيد آهي.سپريم ڪورٽ وفاق ۽ پنجاب جي آزادي خلاف داخل اپيلون رد ڪندي اڳوڻي صدر پرويز مشرف تي حملي جي جوابدار راڻا تنوير کي آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت ٻنهي ڌرين جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو ٻڌايو.










