ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ پوليس کي سهولتون ميسر ڪيون آهن ۽ اڃا وڌيڪ سهولتون به ڏينداسين. پوليس جي ڪارڪردگي بهترين ڪرڻ جي ضرورت آهي. اهڙو اظهار هن سي ايم هائوس ۾ تازي ترقي حاصل ڪندڙ پوليس آفيسرن کي نوان رينڪ لڳائڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.

وڏي وزير جي ترجمان عبدالرشيد چنا موجب تقريب ۾ سنڌ جو چيف سيڪريٽري سيد ممتاز شاهه، آءِ جي سنڌ مشتاق مهر، ايڊيشنل سيڪريٽري داخله عثمان چاچڙ ۽ ٻيا شريڪ ٿيا. وڏي وزير ايڊيشنل آءِ جي جو رينڪ امين يوسفزئي، عارف حنيف ۽ فرحت جوڻيجو کي لڳايا جڏهن ته پير محمد شاهه کي ڊي آءِ جي جو رينڪ لڳايو. وڏي وزير چيو ته ترقين بعد اوهانجي ذميوارين ۾ به واڌارو ٿيو آهي ۽ اميد آهي ته اوهان بهتر خدمت ڪندا.










