سکر(بيورو رپورٽ)ايليمينٽري ڪاليج ٽيچر ايسوسيئشن (ايڪتا) يونٽ سکر جي طرفان گورنمينٽ ايليمينٽري مين ڪاليج سکر ايڪتا يونٽ جي جنرل سيڪريٽري پروفيسر محمد ابراهيم مهر جي اڳواڻي ۾ پروفيسر ڊاڪٽر محمد اجمل ساوند اسسٽنٽ پرفيسر IBA يونيورسٽي سکر جي قتل خلاف ڀرپور احتجاج ڪيو ويو جنهن ۾ يونٽ جي ٻين عهديدارن کان علاوه سڀني استادن پڻ احتجاج ۾ حصو ورتو پروفيسر محمد ابراهيم مهر پنهنجي بيان ۾ چيو آھي ته استاد هڪ معاشري جو اهم حصو هوندو آھي پروفسر ساوند جهڙا استاد صدين ۾ پئدا ٿيندا آھن ان جو قتل اسان سموري معاشري جو قتل سمجهون ٿا پروفيسر ساوند جو قتل هڪ پلاننگ جي ذريعي ڪيو ويو آھي اسان چيف جسٽس سپريم ڪورٽ ،ھاء ڪورٽ IG سنڌ ۽ اعلي اختيارين کان مطالبو/اپيل ٿا ڪيون ته پروفيسر ڊاڪٽر محمد اجمل ساوند جي قاتلن کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي۔










