ڪراچي (پ ر) سي اي او واٽر بورڊ انجينئر سيد صلاح الدين احمد ۽ سي او او واٽر بورڊ انجنيئر اسدالله خان پنهنجي جاري ڪيل تعزيتي پيغام ۾ پروجيڪٽ مئنيجر ايس ٿري واٽر بورڊ عبدالغفار شيخ جي وڏي ڀاءُ ڊاڪٽر عبدالستار شيخ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم جي وڇوڙي کي سوڳوار خاندان لاء نہ وسرندڙ صدمو ۽ وڏو نقصان قرار ڏيندي چيو تہ ڏک جي هن گهڙي ۾ واٽر بورڊ جا سمورا آفيسر ۽ ملازم مرحوم خاندان سان برابر جا شريڪ آهن، الله تبارڪ تعالي مرحوم کي جنت الفردوس ۾ اعلي مقام عطا فرمائي، ان جي مغفرت فرمائي، ان جا درجات بلند فرمائي ۽ مرحوم جي سمورن سوڳوارن، پونيئرن کي صبر و جميل جي توفيق عطا فرمائي آمين










