ڄامشورو/ مانجهند (نمائندن وٽان) سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن پاران هاسٽل ۾ پاڻي کوٽ خلاف مظاهرو ڪرڻ تي پوليس پاران 17 شاگردن مٿان ڄامشورو ٿاڻي تي سرڪار جي مدعيت ۾ بغاوت، رياست خلاف اڪسائڻ ۽ دهشتگردي جي الزامن هيٺ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ڄامشورو ٿاڻي تي گناھ نمبر 305/2019 سان سرڪار طرفان سنڌ يونيورسٽي جي مختلف شعبن ۾ پڙهندڙ هاسٽلر شاگردن مٿان ملڪ دشمني، ان جي خلاف نعريبازي ۽ ڀٽن تي چاڪنگ ڪرڻ وارن الزامن هيٺ قلم 120A, 120B, 153, 124, 123A پاڪستان پينل ڪوڊ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ اياز حسين پٽ علي مردان کوسو، فراز احمد پٽ نثار احمد چانڊيو، انصار علي پٽ محمد خان ٻرڙو، راشد علي پٽ شمس الدين زرداري، نادر علي پٽ خادم حسين لاکير، اميد علي شاهه پٽ ياسين، لکمير پٽ گهنور خان زرداري، سيف الله پٽ نثار احمد، سلامت پٽ محمد موسي زنئور، يونس عرف فهد پٽ صالح جتوئي، دانش نقرج، زيب جتوئي، هالار ياسين پٽ غلام ياسين ۽ 4 نامعلوم شامل آهن، سرڪار طرفان ڪيس جي فريادي بڻيل ۽ سنڌ يونيورسٽي سڪيورٽي پوليس يونٽ جي انچارج انسپيڪٽر غلام قادر پنهور داخل ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته 31 آڪٽوبر تي شام جو پنهنجي سپاهه سان گڏ گشت ڪري رهيو هيس ته سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽلن جي گيٽ تي مقرر قمر لاشاري اطلاع ڪيو ته جيئي سنڌ گروپ سان تعلق رکندڙ 17 کان 18 شاگرد جنهن جي هٿن ۾ جهنڊا آهن ملڪ خلاف نعريبازي ڪندي ڀتين تي چاڪنگ ڪري رهيا آهن، جنهن تي مان پنهنجي عملي سان سنڌ يونيورسٽي جي بوائز هاسٽلن جي مک گيٽ وٽ پهچي ڏٺو ته واقعي شاگردن جو گروپ نعريبازي ڪندي چاڪنگ ڪري رهيا هئا جن کي ڏسي سڃاتو آهي جن خلاف ڪيس داخل ڪرايو آهي انهن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي. ٻئي طرف سنڌ يونيورسٽي جي وائيس چانلسر ڊاڪٽر فتح محمد برفت پنهنجو موقف ڏيندي ٻڌايو آهي ته يونيورسٽي انتظاميه سان ڪيس داخل ڪرڻ کان پهرين پوليس ڪا به صلاح مشورو نه ڪيو آهي. هن جو چوڻ هو ته شاگردن هاسٽل ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪيو هو پر انهن پاڪستان مخالف نعرا ۽ جيئي سنڌ جا جهنڊا نه کنيا هئا. هن وڌيڪ ٻڌايو ته هو پوليس سان ڳالهائي ان حوالي سان معلومات حاصل ڪندو ته ايف آءِ آر ڪيئن داخل ڪئي وئي. ياد رهي ته 17 نومبر تي جيئي سنڌ قومي محاذ وارن سنڌ جي ورهاڱي خلاف ڪراچي ۾ پر امن احتجاج ڪيو هو ته انهن خلاف به اسٽيل ٽائون ٿاڻي تي بغاوت جو ڪيس داخل ڪيو ويو هو.










