ڪراچي( اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير جي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي پاڻي چوري خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪيون وڃن سمورا غير قانوني هائيڊرنٽس ڊاھيا وڃن ۽ غير قانوني ڪنيڪشنن کي فوري طور تي ڪاٽي ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي تفصيل موجب وائيس چيئرمين واٽر بورڊ سيد نجمي عالم جي صدارت ھيٺ شھر ۾ پاڻي چوري روڪڻ متعلق اعلي سطحي اجلاس چيئرمين سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ ٿي گذريو، ان موقعي تي وائيس چيئرمين واٽر بورڊ پاران چيف سيڪيورٽي آفيسر واٽر بورڊ ۽ انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ کي هدايتون جاري ڪندي چيو تہ سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاھ ۽ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي هدايتن تي عملدرآمد ڪندي پاڻي چوري خلاف ڪارروائيون وڌيڪ تيز ڪندي سمورا غير قانوني هائيڊرنٽس ڊاھيا وڃن ۽ غير قانوني ڪنيڪشنن کي فوري طور تي ڪاٽي ذميوارن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ شهر ۾ ٽينڪرز ذريعي گندو پاڻي وڪرو ڪندڙ مافيا خلاف سخت ايڪشن کنيو وڃي، هن چيو تہ شھر ۾ پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي واري نظام کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ موثر ۽ تڪڙا قدم کنيا وڃن ۽ لائنن ۾ موجود ليڪيجز جو فوري طور تي خاتمو ڪيو وڃي ڇو تہ پاڻي جي فراهمي ۾ ڪنهن به قسم جي غفلت برداشت نہ ڪئي ويندي ڇاڪاڻ شهرين کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي واريون سهولتون فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيح ۾ شامل آهي، ان موقعي تي ايم ڊي واٽر بورڊ فريدہ سلام، ڊي.ايم.ڊي ٽي ايس واٽر بورڊ محمد ايوب شيخ، اسٽاف آفيسر ٽو وائيس چيئرمين نديم ڪرماڻي، پرسنل سيڪريٽري ٽو وائيس چيئرمين آغا سعيد، چيف سيڪيورٽي آفيسر واٽر بورڊ ڪرنل رٽائرڊ ضياء زيدي، ميجر ريٽارئرڊ عبدالمجيد اعواڻ، انچارج اينٽي ٿيفٽ سيل واٽر بورڊ عبدالواحد شيخ ۽ ٻيا آفيسر موجود هئا.










