اسلام آباد(بيورو رپورٽ)قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ جي دستور ۽ عمل ۾ ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيو.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جوڊيشل ريفارمز ترميمي بل جي مسودي جي منظوري ڏني وئي.ترميمي بل موجب 3 سينيئر جج پاڻمرادو نوٽيس جو فيصلو ڪندا، سينيئر ججن تي ٻڌل 3 رڪني ڪميٽي سوموٽو تي فيصلو ڪندي.ترميمي بل تحت پاڻمرادو نوٽيس خلاف اپيل جو حق هوندو ۽ 30 ڏينهن اندر اپيل داخل ڪري سگهبي، اپيل ٻن هفتن ۾ طئي ڪئي ويندي.قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ سپريم ڪورٽ جي دستور ۽ عمل ۾ ترميمي بل ايوان ۾ پيش ڪيو.ايوان ۾ ڳالهائيندي قانون واري وزير چيو ته سپريم ڪورٽ پنهنجا ضابطا ٺاهيندي آهي، 184-3 ۾ سپريم ڪورٽ پاڻمرادو نوٽيس وٺندي آهي، پاڻمرادو نوٽيس جي استعمال سان سپريم ڪورٽ جي وقار کي نقصان پهتو آهي.هن چيو ته اسان اهو دور به ڏٺو آهي جڏهن ننڍين معاملن تي سوموٽو ورتو ويو، ماضي ۾ ڪيترن ئي ڪيسن ۾ نظرثاني اپيلن جي ٻڌڻي ۾ دير ٿي، گذريل ڏينهن ٻن ججن جي موقف وڌيڪ خدشا پيدا ڪيا آهن.اعظم نذير تارڙ چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ داخل ڪيس کي ڪميٽي جوڙي بينچ ڏانهن اماڻيو ويندو، ڪميٽي فيصلو ڪندي ته ڪيس انساني حقن جو آهي يا نه. هن چيو ته پاڻمرادو نوٽيس جو معاملو گهٽ ۾ گهٽ ٽي رڪني بينچ ڏانهن اماڻيو ويندو ۽ چيف جسٽس سميت ٽي سينيئر جج پاڻمرادو نوٽيس ۾ شامل هوندا.ان کان پوءِ ايوان ۾ بل تي بحث ٿيو، بعد ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف اهو بل لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪميٽي قانون ۽ انصاف ڏانهن موڪلي ڇڏيو ۽ چيو ته اڄ جو حڪم هو ته سپريم ڪورٽ سان لاڳاپيل بل اڄ منظور ڪيا وڃن.ايوان جي راءِ موجب ٻنهي بلن کي قانون ۽ انصاف واري ڪميٽي حوالي ڪيو پيو وڃي.هن موقف اختيار ڪيو ته ٻنهي ترميمي بلن کي سپريم ڪورٽ اماڻيو آهي، ڪميٽي کي گذارش آهي ته جلد رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪري.ٻئي طرف ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون ۽ انصاف بابت قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي صبح جو ٿيندو، جنهن جي صدارت چيئرمين محمود بشير ورڪ ڪندو.ذريعن جو چوڻ آهي ته قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي سڀاڻي بل جي منظوري ڏيندي رپورٽ ايوان ۾ پيش ڪندي.عدالتي سڌارن واري ترميمي بل جي قومي اسيمبلي سڀاڻي حتمي منظوري ڏيندي جنهن کانپوءِ تجويز ڪيل بل خميس تي سينيٽ ۾ منظوري لاءِ پيش ڪيو ويندو.










