اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ملڪ جي آئيني صورتحال بابت پاڻمرادو نوٽيس تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ريمارڪس ڏنا ته اسپيڪر آرٽيڪل 5 جو حوالو ڏيئي به بي اعتمادي رٿ کي رد نٿو ڪري سگهجي. سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ جي سربراهي ۾ ملڪ جي آئيني صورتحال بابت پاڻمرادي نوٽيس تي ٻڌڻي ٿي، جنهن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ وڪيل بابر اعواڻ ۽ اپوزيشن جو وڪيل فاروق نائڪ ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا. بينچ ۾ جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس مظهر عالم خان ميان خيل، جسٽس منيب اختر ۽ جسٽس جمال خان مندو خيل شامل آهن. چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ پيدا ٿيل صورتحال جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو هو, ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي چيو ته پهريان درخواستگذارن کي ٻڌڻ چاهيون ٿا، جيڪڏهن ڪير بيان ڏيڻ چاهي ٿو ته ڏي. پي ٽي آءِ جي وڪيل بابر اعواڻ پنهنجي دليلن ۾ چيو ته مان سپريم ڪورٽ جي 21 مارچ 2022 جي فيصلي جو حوالو ڏيڻ چاهيان ٿو، اٽارني جنرل عدالت کي يقين ڏياريو هو ته ڪنهن به اسيمبلي ميمبر کي اچڻ کان نه روڪيو ويندو، سپريم ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اتحادي جماعتن کي نوٽيس نه ڪيو هو. ان تي چيف جسٽس چيو ته گذريل ڏينهن مختصرحڪم نامو جاري ڪيو هو، اسان گذريل ڏينهن اسيمبلي جي ڪارروائي تي ٻڌڻي ڪري رهيا آهيون, جسٽس اجاز الاحسن چيو ته بظاهر عدم اعتماد جي رٿ تي ڪاروائي خلاف ورزي آهي. جسٽس منيب اختر چيو ته ڊپٽي اسپيڪر جيڪا رولنگ ڏني آهي هو ان جو مجاز ناهي، اهو ڪم اسپيڪر جو آهي. چيف جسٽس چيو ته واضح لکيل آهي ته عدم اعتماد تي ووٽنگ ٿيڻي آهي جيڪا ناهي ٿي. فاروق نائڪ چيو ته جنهن خط جو ذڪر ڪن ٿا اهو پارليمان ۾ پيش ئي ناهي ٿيو، چيف جسٽس چيو ته پارليمان جي قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس گهرايو ويو اپوزيشن پان نه وئي. فاروق نائڪ فل ڪورٽ جوڙڻ جو مطالبو ڪيو ته چيف جسٽس چيو ته سڄا ڪيس رلي ويندا. نائڪ چيو ته اڄ فيصلو ٻڌايو صدر نگران وزيراعظم جا نالا گهريا آهن. چيف جسٽس چيو ته هوا ۾ فيصلو نٿا ڏئي سگهون، اهم معاملو آهي مڪمل غور ويچار بعد سڀاڻي فيصلو ڏينداسين. بابر اعواڻ چيو ته صدارتي ريفرنس کي موجوده پاڻمرادو نوٽيس سان ٻڌو وڃي، منهنجي درخواست رڪارڊ ڪرايو، عمران خان اجازت ڏني آهي ته عرض ڪيان ته اسان چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهيون، جنهن تي جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته اسان جي اڳيان سياسي ڳالهه نه ڪريو. اڳ ۾ چيف جسٽس چيو هو ته اڄ فيصلو ٻڌائينداسين پر بعد ۾ چيو ته اڱاري تي منجهند ٻڌڻي بعد فيصلو ٻڌائبو.










