پاڻمرادو نوٽيس مامرو، بل ٻيهر پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ جو فيصلو

پاڻمرادو نوٽيس مامرو، بل ٻيهر پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) صدر جي اعتراض کانپوءِ وفاقي حڪومت سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادي نوٽيس اختيار ۾ ترميم جو بل ٻيهر پارليامينٽ مان منظور ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.قانون موجب جيڪڏهن صدر ڪو بل نظرثاني لاءِ پارليامينٽ کي واپس موڪلي ٿو ته حڪومت پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گهرائي بل منظور ڪرائي صدر کي موڪلي سگهي ٿي، جيڪڏهن بل جي ٻيهر منظوري کانپوءِ به صدر صحيحون نه ڪيون ته اهو بل 10 ڏينهن کانپوءِ پاڻ ئي ايڪٽ بڻجي ويندو.ن ليگ اڳواڻ عطا تارڙ موجب سپريم ڪورٽ (پريڪٽس اينڊ پروسيجر) بل 2023 جي حوالي سان صدر جي نڪتن ۾ ڪو وزن نه هو، پارليامينٽ ٻيهر بل کي اڪثريت سان منظور ڪندي.هوڏانهن پي ٽي آءِ اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته صدر بل واپس ڪري درست فيصلو ڪيو، سپريم ڪورٽ جي رولز ۾ ترميم جي ڪوشش کانپوءِ هاڻ اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم ذريعي صدر جا اختيار گهٽائڻ احمقاڻي قانون سازي آهي، ڳالهه ٻولهه واحد رستو آهي، جنهن ذريعي چونڊن جا معاملا طئي ڪري سگهجن ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو