پاڪستاني عورتن جو قومي وقار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار آهي،آرمي چيف

پاڪستاني عورتن جو قومي وقار وڌائڻ ۾ اهم ڪردار آهي،آرمي چيف

راولپنڊي( ويب ڊيسڪ)آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوه چيو ته پاڪستاني عورتن قوم جي عزت ۽ وقار وڌائڻ لاءِ بيشمار خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا عورتن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي پاڪستاني عورتن کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.سوشل ميڊيا تي ڊي جي آءِ ايس پي آر طرفان جاري بيان موجب ، جنرل قمر جاويد باجوه پنهنجي پيغام ۾ چيو ته عورتون تمام گهڻي عزت رکن ٿيون.پاڪ فوج جي ڪمانڊر ان چيف چيو ته پاڪستاني عورتن قوم جي عزت ۽ وقار وڌائڻ لاءِ بيشمار خدمتون سرانجام ڏنيون آهن.هن چيو ته يونيفارم ۾ عورتن پنهنجين صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي ۽ يونيفارم ۾ عورتن قوم ۽ انسانيت جي وڏي خدمت ڪئي آهي.جنرل قمر جاويد باجوا چيو ته پاڪستاني عورتون عالمي وبا ڪورونا خلاف جنگ ۾ پڻ اڳڀرائي ۾ آهن.



پهنجو تبصرو موڪليو