ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مذهبي معاملن واري وزارت جو چوڻ آهي ته پاڪستاني حاجين جي وطن واپسي لاءِ سعودي عرب کان پروازن جو آغاز 31 مئي تي ٿيندو. مذهبي معاملن واري وزارت موجب، پهرين حج پرواز 31 مئي جي رات جده کان روانو ٿيندي ۽ سيالڪوٽ پهچندي، پهرين حج پرواز ذريعي 391 حاجي وطن واپس پهچندا. حج آپريشن دوران اڪثر پروازون پاڪستاني وقت موجب پهرين جون تي مختلف شهرن ۾ لينڊ ڪنديون (لهنديون).مذهبي معاملن واري وزارت ٻڌايو ته پهرين جون تي 22 پروازن ذريعي 5237 حاجي وطن پهچندا. حج آپريشن جي پهرين ڏينهن 5 پروازون حاجين کي کڻي اسلام آباد اينديون، جڏهن ته ڪراچي ۽ لاهور ۾ 4-4 پروازون، ملتان ۽ سيالڪوٽ ۾ 3-3، فيصل آباد ۾ 2 ۽ ڪوئيٽا ۾ هڪ پرواز حاجين کي کڻي پهچندي. وزارت مذهبي معاملن وڌيڪ ٻڌايو ته حج آپريشن جي آخري پرواز 30 جون تي لاهور پهچندي، ۽ مديني منوري کان حج آپريشن جون پروازون 3 جون کان شروع ٿينديون.مذهبي معاملن واري وزارت موجب، سرڪاري اسڪيم تحت 471 پروازن جي ذريعي 1 لک 19 هزار حاجين کي وطن واپس آندو ويندو.










