پاڪستاني آل رائونڊر شاداب خان انجري جو شڪار

پاڪستاني آل رائونڊر شاداب خان انجري جو شڪار

لنڊن (ويب ڊيسڪ)شاداب خان انگلينڊ ۾ ٽي 20 بلاسٽ ۾ سسڪس لاءِ پنهنجي ڊيبيو ميچ ۾ زخمي ٿي پيو.سومرسيٽ خلاف ڪيچ وٺڻ جي ڪوشش دوران شاداب ساٿي فيلڊر ناٿن ميڪ اينڊريو سان ٽڪرائجي ويو، ٻئي فيلڊر ٽام ڪوهلر ڪيڊمور جو اوچو ڪيچ وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا.فيلڊرز وچ ۾ ٽڪراءَ سبب ميچ 10 منٽن تائين روڪيو ويو، سسڪس جي طبي عملي گرائونڊ تي موجود رانديگرن جي مدد ڪئي.ڪنسنشن پروٽوڪول پورو ڪرڻ کانپوءِ ناٿن ميڪ اينڊريو پنهنجا چار اوور مڪمل ڪيا جڏهن ته شاداب خان پروٽوڪول سبب گرائونڊ تان هليو ويو.سڪس جي هيڊ ڪوچ پال فيبريس موجب شاداب خان جي نگراني ڪئي پئي وڃي، هو بهتر آهي، رڳو سندس ڳچيءَ ۾ درد آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو