ڪراچي(رپورٽ علي مرتضيٰ مهر)دنيا ڀر جي ملڪن جي پاسپورٽس جي اهميت جو تعين ڪندڙ عالمي اداري ’هينلي پاسپورٽس انڊيڪس‘ اڱاري تي جاري ڪيل تازي پاسپورٽ رينڪنگ رپورٽ ۾ پاڪستاني پاسپورٽ جا 7 درجا گهٽائي ڇڏيا آهن. پاڪستان جيڪو اڳ ۾ جاري ٿيل ريڪنگ ۾ 96 نمبر تي هو هاڻي 103 تي اچي ويو آهي. جيڪو يمن سان گڏ آهي. پاڪستان کي اڳ ۾ 32 ملڪن ۾ بنا ويزا يا ملڪ ۾ پهچڻ تي ويزا وٺڻي هوندي هئي انهن جو تعداد به 31 ٿي ويو آهي. پاڪستان کان هيٺ رينڪنگ ۾ صرف ٽي ملڪ آهن: عراق 104، شام 105، افغانستان 106هين پوزيشن تي آهن.
مضبوط ترين پاسپورٽ
تازي رينڪنگ ۾ ٽي ايشيائي ملڪ ٽاپ تي آهن جن ۾ سنگاپور پهرين نمبر تي آهي، جنهن جي پاسپورٽ تي دنيا جي193 ملڪن ۾ بغير ويزا داخلا جي اجازت آهي، ڏکڻ ڪوريا ٻئي نمبر تي آهي 190 ملڪن ۾ ويزا فري انٽري سان، جڏهنته جاپان ٽئين نمبر تي آهي 189 ملڪن جي رسائي سان. ان کان پوءِ جرمني، اٽلي، لڪسمبرگ، اسپين ۽ سوئٽزرلينڊ چوٿين نمبر تي آهن، جن جا شهري 188 ملڪن ۾ بغير ويزا وڃڻ جي سهولت رکن ٿا. آسٽريا، بيلجيم، ڊنمارڪ، فنلينڊ، فرانس، آئرلينڊ ۽ نيدرلينڊ پنجين نمبر تي آهن، جن لاءِ 187 ملڪن ۾ بغير ويزا داخلا ممڪن آهي.
آمريڪي پاسپورٽ تاريخي طور تي گهٽ ترين سطح تي
20 سالن اڳ جڏهن کان هينلي پاسپورٽ انڊيڪس ٺهيو آهي، پهريون ڀيرو آمريڪي پاسپورٽ دنيا جي 10 سڀ کان طاقتور پاسپورٽن جي فهرست مان ٻاهر ٿي ويو آهي. 2014 ۾ هڪ وقت هو جڏهن آمريڪي پاسپورٽ بغير مقابلي پهريئن پوزيشن تي هو، پر هاڻي اهو 12هين نمبر تي اچي ويو آهي، ملائيشيا سان گڏ، ۽ صرف 227 مان 180 ملڪن ۾ بغير ويزا داخلا جي اجازت ڏئي ٿو. ساڳئي ريت، برطانوي پاسپورٽ به پنهنجي تاريخ جي سڀ کان گهٽ سطح تي اچي ويو آهي، جيڪو جولاءِ کان پوءِ 6هين کان 8هين نمبر تي ڪري پيو آهي، جيتوڻيڪ اهو به 2015 ۾ پهرين پوزيشن تي رهيو هو. هينلي اينڊ پارٽنرز مطابق “آمريڪي پاسپورٽ جي تنزلي ۽ تازو 10هين کان 12هين نمبر تي اچڻ جو سبب ڪيترن ئي ملڪن جي رسائي پاليسين ۾ تبديليون آهن. اپريل ۾ برازيل لاءِ بغير ويزا داخلا ختم ٿيڻ، ڇوته برازيل آمريڪي شهرين لاءِ ساڳي سهولت نه ڏني، ۽ چين جي تيزيءَ سان وڌندڙ ويزا فري لسٽ مان آمريڪا جو ٻاهر رهجي وڃڻ، ان زوال جي شروعات هئي. ان کان پوءِ پاپوا نيو گني ۽ ميانمار جي پاليسين ۾ تبديليءَ سان آمريڪا جو اسڪور وڌيڪ گهٽ ٿيو، جڏهنته ٻين ملڪن جا پاسپورٽ وڌيڪ مضبوط ٿيا. تازو، صوماليا جي نئين eVisa سسٽم جي شروعات ۽ ويٽنام پاران آمريڪا کي ويزا فري لسٽ ۾ شامل نه ڪرڻ سان آخري ڌڪ لڳو، جنهن ڪري آمريڪا ٽاپ ٽين ملڪن مان به ٻاهر ٿي ويو.”
ويزا ريسپروسيٽي (ٻه طرفي سهولت) ڇو اهم آهي؟
في الحال آمريڪي پاسپورٽ وارا شهري 180 ملڪن ۾ بغير ويزا سفر ڪري سگهن ٿا، پر پاڻ آمريڪا صرف 46 ملڪن جي شهرين کي بغير ويزا اچڻ جي اجازت ڏئي ٿو. رپورٽ موجب: “هي فرق دنيا ۾ سڀ کان وڏو فرق آهي. صرف آسٽريليا کان پوءِ، ۽ ڪينيڊا، نيوزي لينڊ، ۽ جاپان کان ٿورو اڳتي آهي. دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي سڀ ملڪ، جن وٽ سفر جي آزادي ۽ ويزا پاليسين ۾ وڏو فرق آهي، گذريل ڏهاڪي ۾ پنهنجي پاسپورٽس جي طاقت ۾ گهٽتائي ڏٺي آهي.” ايني فورزهائيمر، واشنگٽن جي سينٽر فار اسٽرٽيجڪ اينڊ انٽرنيشنل اسٽڊيز جي سينيئر ايسوسيئيٽ، تنهن چيو ته: صدر ٽرمپ جي موجوده مدت کان اڳ ئي آمريڪي پاليسي اندروني رخ اختيار ڪري چڪي هئي. اڪيلائپ وارو اهو رويو هاڻي آمريڪا جي پاسپورٽ جي طاقت ۾ گهٽتائي جي صورت ۾ ظاهر ٿي رهيو آهي.” آمريڪا جي ترقي پذير ملڪن لاءِ پابندين واري پاليسي سخت اثرائتي ثابت ٿي آهي. صدر ٽرمپ افريقا، وچ اوڀر ۽ ڏکڻ اوڀر ايشيا جي 12 ملڪن لاءِ ويزا جاري ڪرڻ تي پابندي لڳائي، وڌيڪ 7 ملڪن تي سخت پابنديون لاڳو ڪيون، ۽ 36 ٻين ملڪن جن ۾ اڪثريت افريقي ملڪ شامل آهن انهن تي ممڪنه بندش جي ڌمڪي ڏني آهي. هاڻي 7 افريقي ملڪن لاءِ $5,000 کان $15,000 تائين جو ويزا بانڊ لاڳو آهي، جيڪو رڳو ملڪ ڇڏڻ کان پوءِ واپس ملي ٿو. ساڳي وقت هڪ نئون $250 “ويزا انٽيگريٽي في” نان اميگرينٽس جي ويزا درخواستن لاءِ لاڳو ڪرڻ جو منصوبو آهي. ان سان گڏ، اليڪٽرانڪ سسٽم فار ٽريول آٿرائيزيشن (ESTA) جي فيس به 30 سيپٽمبر 2025 تي تقريباً ٻيڻي ٿي وئي 21 ڊالر مان 40 ڊالر ٿي وئي آهي.










