پاڪستان ۾ ڪورونا وئڪسين لڳائڻ جي مهم شروع

پاڪستان ۾ ڪورونا وئڪسين لڳائڻ جي مهم شروع

اسلام آباد/ڪراچي (نمائندن وٽان) پاڪستان ۾ ڪورونا کان بچاءُ لاءِ وئڪسين لڳائڻ واري مهم اڄ اربع کان شروع ڪئي وئي آهي. اسلام آباد ۾ اين سي او سي جي هيڊڪوارٽر ۾ تقريب دوران طبي عملي کي ڪورونا وئڪسين لڳائي وئي، تقريب کي خطاب دوران وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته عوام جي سهڪار ۽ حڪومتي ڪوششن سان ڪورونا تي ڪنٽرول آندو ويو، ڏکئي وقت ۾ مدد ڪرڻ تي چين جا ٿورائتا آهيون،

Islamabad corona vaccination, Photo screen shot

ڪورونا جي وبا دوران فرنٽ لائين تي ڪردار ادا ڪندڙ ڊاڪٽرز ۽ هيلٿ ورڪرز قوم جا هيرو آهن.چئني صوبائي هيڊ ڪوارٽرز ۾ به ساڳئي وقت تقريبون منعقد ڪيون ويون. ڪراچي ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه طرفان ڪورونا وئڪسين لڳائڻ واري مهم جو افتتاح ڪيو ويو. تقريب کي خطاب دوران وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته سنڌ حڪومت کي ڪورونا وئڪسين جا 83 هزار ڊوز مليا آهن، اهي ڊوز فرنٽ لائين ورڪرز کي ڏنا ويندا، پهرئين مرحلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شهيد بينظير آباد ۾ وئڪسين لڳائڻ جو عمل شروع ڪيو پيو وڃي.هن ٻڌايو ته پاڪستان دنيا جو 80هون ملڪ آهي جتي وئڪسين شروع ٿي آهي. چين کانسواءِ ٻئي ڪنهن به ملڪ وئڪسين لاءِ امداد ناهي ڪئي. ياد رهي ته وئڪسين 18 سالن کان وڏي ڄمار وارن کي لڳائي ويندي. جن جي جسم ۾ اينٽي باڊيز موجود آهن انهن کي وئڪسين جي ضرورت ناهي. سنڌ جي وڏي وزير ڊائو ميڊيڪل يونيورسٽي جي اوجها ڪيمپس ۾ منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪند ٻڌايو ته سنڌ کي وئڪسين جا 83 هزار ڊوز مليا آهن، جيڪي اڳ ۾ فرنٽ لائن هيلٿ ورڪرز کي ڏنا ويندا.

Sindh first corona vaccine injected, Photo Sindh Govt.

سنڌ ۾ هڪ لک 80 هزار هيلٿ ورڪر آهن پهرين مرحلي ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ شهيد بينظيرآباد ۾ وئڪسين لڳائي ويندي. ان موقعي تي چيني قونصليٽ جنرل جو عملو به موجود هو ۽ وڏي وزير چين جو شڪريو ادا ڪيو. رٿا بندي واري وفاقي وزير اسد عمر اسلام آباد مان ويڊيو لنڪ تي خطاب ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو