پاڪستان ۾  ڪورونا جا وڌيڪ 47 ڪيس رپورٽ

پاڪستان ۾ ڪورونا جا وڌيڪ 47 ڪيس رپورٽ

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن جي شرح ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن موذي وبا سبب ڪو به جاني نقصان نه ٿيو آهي.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي اچي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 0.38 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ وڌيڪ 47 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 73 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 30 هزار 612 مريض فوت ٿي چڪا آهن.ورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 72 هزار 316 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 12 هزار 369 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 4 لک 77 هزار 451 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو