پاڪستان ۾ ڪتا به پروٽوڪول ۾ سير ڪن ٿا، عباسي

پاڪستان ۾ ڪتا به پروٽوڪول ۾ سير ڪن ٿا، عباسي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عوام کي رليف ڏيڻ بدران ٽيليفون ۾ لڳي ويو، 4 ڪلاڪن تائين پاڻ ايڊيٽنگ ڪئي ۽ عوام جو هڪ ڪلاڪ ضايع ڪري ڇڏيو، اڳوڻي وزيراعظم شاهد خاقان عباسي چيو آهي ته پاڪستان واحد ملڪ آهي، جتي ڪُتا به پوليس جَي پروٽوڪول ۾ سير ڪندا آهن، جيڪو ڪم امريڪا به نه ڪري سگهيو، اُهو اسان جَي ملڪ ۾ ٿي رهيو آهي، حڪمرانن پيٽرول ۽ بجلي مهانگي ڪري عوام جو جيئڻ عذاب ڪري ڇڏيو آهي، اسلام آباد ۾ ميِڊيا سان ڳالهائيندي شاهد خاقان عباسي چيو ته اڄ وري اُن نيب آڏو حاضري آهي، جيڪو پاڻ ڪرپشن جَي الزامن کي منهن ڏئي رهيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو