پاڪستان ۾ پائيداري ڏانهن وڌندڙ هائبرڊ نظام

پاڪستان ۾ پائيداري ڏانهن وڌندڙ هائبرڊ نظام

ليکڪ: نديم فاروق پراچا
جيتوڻيڪ “هائبرڊ نظام” جو تصور پنهنجي شروعات 1970ع ڏهاڪي کان ڳولي ٿو، پر جديد سياسي سائنس ۾ اهو تصور 1990ع ڏهاڪي دوران باضابطه طور تي مضبوط ٿيو، جڏهن اهو “جمهوريت جي ٽئين لهر” جي علمي ردِعمل طور سامهون آيو.
جمهوريت ڏانهن تبديليءَ جي اها عالمي لهر سياسي سائنسدان سيميوئل پي هٽنٽن پاران پيش ڪيل فريم ورڪ جو حصو هئي. هن جمهوريت جي عالمي ڦهلاءُ کي ٽن الڳ تاريخي دورن ۾ ورهايو: پهرين لهر اوڻويهين صدي جي وچ ڌاري شروع ٿي، جيڪا 1920ع ۽ 1930ع ڏهاڪن ۾ آمريت جي وڌندڙ رجحان سبب رُڪجي ويئي؛ ٻي لهر ٻي عالمي جنگ جي خاتمي کان پوءِ شروع ٿي ۽ 1960ع ڏهاڪي جي شروعات تائين جاري رهي؛ جڏهن ته ٽين لهر 1990ع ڏهاڪي ۾ شروع ٿي، پر ان لهر “هائبرڊ” جي درجه بندي کي جنم ڏنو، ڇو ته ڪيترائي منتقلي ڪندڙ ملڪ مڪمل جمهوريت ۽ آمريت جي وچ واري “سرمائي علائقي” ۾ لٽڪيل رهيا.
2000ع ڏهاڪي جي وچ تائين جمهوريت ۾ پٺتي هٽڻ جا واضح نشان ظاهر ٿيڻ لڳا، ڇاڪاڻ⁠تہ ڪيتريون ئي نيون جمهوريتون پاڻ کي مستحڪم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون ۽ ان جي بدران هائبرڊ ماڊل اختيار ڪيو. جڏهن⁠تہ مغربي عالم هن رجحان کي زوال جي علامت سمجهن ٿا، تڏهن هڪ متبادل نقطه نظر اهو به آهي ته هي ماڊل کليل آمريت خلاف هڪ اهم رڪاوٽ طور ڪم ڪري ٿو.
پاڪستان ۾ هائبرڊ ماڊل جي وراثت 1950ع ڏهاڪي جي آخر تائين وڃي ٿي، جڏهن جنرل ايوب خان آئين کي رد ڪري ملڪ ۾ پهريون مارشل لا لاڳو ڪيو. 1962ع ۾ جنرل ايوب کليل مارشل لا مان نڪري “ڪنٽرول ٿيل جمهوريت” ڏانهن ويو. هڪ طاقتور جمهوريت نواز تحريڪ جي گهيري ۾ اچڻ بعد، ايوب 1969ع ۾ استعيفا ڏيڻ تي مجبور ٿيو، جيتوڻيڪ حقيقت اها آهي ته هن تڏهن ئي استعيفا ڏني، جڏهن پنهنجي ئي اداري ـ فوج ـ جي اداري جي سهڪار کان محروم ٿي ويو. جيئن اسٽيڦن ڪوهن لکي ٿو، هن دور پاڪستان جي سياسي ڍانچي ۾ عسڪريت پسندي کي گهري طرح سان راسخ ڪري ڇڏيو.
پاڪستان جو هائبرڊ نظام هاڻي هڪ مستقل سياسي ترتيب جي شڪل اختيار ڪري چڪو آهي، جنهن ۾ سياسي پارٽيون ۽ شهري اڳواڻ سختي سان سنڀاليل حدن اندر موجود آهن۔
1988ع ۾ جنرل ضياءُالحق جي فوجي حڪمراني جي خاتمي کان پوءِ، اها عسڪريت پسندي سڌي مداخلت بدران غيررسمي ۽ نظامي ڪنٽرول ڏانهن وڌي وئي. 2008ع ۾ جنرل پرويز مشرف جي فوجي حڪومت جي زوال کان پوءِ، هن حڪمت عملي کي وڌيڪ نکاريو ويو. ملٽري اسٽيبلشمينٽ (ايم اي) هڪ مضبوط هائبرڊ نظام ٺاهڻ لاءِ هم خيال شهري ساٿين جي ڳولا شروع ڪئي.
تنهن هوندي به، هن نئين ترتيب ڏنل ماڊل کي فوراً ئي چئلينجن کي منهن ڏيڻو پيو، جن ۾ ڪمزور معيشت، اسلامي شدت پسندي، ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جو ٻيهر اڀار شامل هئا. انهن ٻنهي پارٽين جا ايم اي سان لاڳاپا تاريخي طور تڪراري رهيا آهن. 2008ع جي چونڊن کان پوءِ، انهن پارٽين ڪاميابيءَ سان جنرل مشرف کي هٽايو، جنهن سان شهري-فوجي تڪرار وڌي ويو.
انهيءَ پسمنظر ۾، 2010ع تائين ايم اي عمران خان کي “ٽئين متبادل” طور تي تيار ڪرڻ شروع ڪيو، جنهن کي وڌيڪ منظم هائبرڊ بندوبست جو مرڪزي ڪردار بڻائڻو هو. 2013ع ۾ پي ايم ايل (ن) جي شاندار ڪاميابيءَ باوجود، ايم اي عمران خان جي عوامي احتجاجي تحريڪ کي عدليه، ميڊيا ۽ امير چندا ڏيندڙن جي سهڪار سان مضبوط ڪيو. مقصد اهو هو ته پي پي پي ۽ پي ايم ايل (ن) کي هڪ “مقبول” شهري چهري ذريعي غيراثرائتو ڪيو وڃي، جيڪو سنڀالڻ ۾ آسان هجي. هي منصوبو 2018ع ۾ پنهنجي اوج تي پهتو، جڏهن عمران خان وزيراعظم بڻيو.
پر هي منصوبو جلدي ئي ٽٽي پيو، ڇاڪاڻ⁠تہ عمران خان وٽ انتظامي تجربو نه هو ۽ هو تحريڪ واري ذهنيت مان نڪري حڪمراني ڏانهن منتقل نه ٿي سگهيو. هو پنهنجي رياستي حمايت يافته مقبوليت جي بيانئي ۾ ايترو ته گم ٿي ويو، جو پاڻ کي ناقابلِ شڪست سمجهڻ لڳو، جيتوڻيڪ حڪمراني جو معيار زوال پذير هو. آخرڪار، 2022ع ۾ پارلياماني عمل ذريعي کيس هٽايو ويو.
ته پوءِ، عمران خان واري منصوبي جي ناڪاميءَ کان پوءِ به ايم اي هائبرڊ ماڊل تي ڇو قائم رهي؟
جنرل عاصم منير جي اڳواڻي هيٺ نئين ايم اي قيادت لاءِ ناڪامي پاليسيءَ جي نه، پر ماڻهن جي چونڊ جي هئي. اتفاقِ راءِ اهو هو ته ايم اي اندر عمران خان جا ڪيترائي حمايتي سندس عوامي ڪشش ۾ اچي حڪمراني ۽ عالمي لاڳاپن جي عملي حقيقتن کي نظرانداز ڪري ويٺا هئا. نئين ايم اي جي نظر ۾ ماڊل پاڻ صحيح هو، پر ان کي شهري ايجنٽ ۽ سندس سنڀاليندڙن غلط نموني سان لاڳو ڪيو.
پنهنجي حڪمت عملي کي وڌيڪ نکاريندي، نئين ايم اي هائبرڊ ماڊل کي ٻيهر ترتيب ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي. ممڪن آهي ته ترڪي، مصر، انڊونيشيا ۽ روس جهڙن ملڪن جي “ڪامياب” هائبرڊ نظامن جو جائزو وٺڻ کان پوءِ، ايم اي، پي ايم ايل (ن) ۽ پي پي پي سان پنهنجا ٽٽل لاڳاپا بحال ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هجي. مقصد اڳوڻي هائبرڊ ماڊل جي غيرمستحڪم عواميت پسنديءَ کي وڌيڪ عملي ۽ حقيقت پسند رويي سان مٽائڻ هو.
پنهنجي فطري لچڪ سبب، “ڪامياب” هائبرڊ نظامن جي عمر اڪثر سخت آمريت کان به وڌيڪ ڊگهي هوندي آهي. چونڊن يا محدود پريس آزادي جهڙي ادارتي لچڪ برقرار رکي، اهي نظام سماجي دٻاءُ کي نڪرڻ جو رستو ڏين ٿا بغير پنهنجي بنيادي اختيار کي خطري ۾ وجهڻ جي.
ان کان علاوه، پارلياماني ڍانچي ۾ مخالف ڌرين جي شموليت اختلاف کي گڏ کڻي اچڻ (co-optation) جو هڪ حڪمت عملي وارو اوزار آهي، جيڪو ممڪنه مخالفت کي رياستي ڍانچي اندر ضم ڪري غيراثرائتو بڻائي ٿو. ايراني سياسي سائنسدان ويدا ياغوتي جو خيال آهي ته جمهوري شرڪت جا عنصر شامل ڪري، هائبرڊ نظام سماجي ڇڪتاڻ کي گهٽائين ٿا ۽ تشدد ڀريل بغاوتن کي سنڀالين ٿا.
هي حڪمت عملي واري لچڪ، قائم ٿيل بيوروڪريٽڪ ۽ سلامتي ادارن جي حفاظت سان وڌيڪ مضبوط ٿئي ٿي، جيڪي معاشي عدم استحڪام يا شهري بيچيني دوران استحڪام جا سهارا بڻجن ٿا. هائبرڊ نظامن ۾ انتظامي ۽ قانونسازي اختيارن جي مرڪزي هجڻ سان پاليسين کي تيزيءَ سان جوڙڻ ممڪن ٿئي ٿو. روايتي جمهوريتن جي ڊگهي بحث مباحثي واري عمل کي پاسي ڪندي، اهي نظام قومي هنگامي حالتن ۾ وڌيڪ جلدي قانونسازي ڪري سگهن ٿا.
ادارتي استحڪام ۽ فيصلائتي قوت جي تصوير پيش ڪري، هائبرڊ نظام اڪثر بين الاقوامي ساٿين لاءِ آمريت يا غيرمستحڪم نون جمهوريتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ پرڪشش لڳن ٿا. هن ماڊل جا حامي چون ٿا ته عالمي سطح تي جمهوريت جي پوئتي هٽڻ ۽ جيوسياسي بيچينيءَ جي دور ۾، هي ماڊل پيچيده منتقلي مرحلن کي سنڀالڻ ۽ سياسي ۽ معاشي اشرافيه جي وچ ۾ نازڪ توازن قائم رکڻ لاءِ لازمي آهي.
تنهن هوندي به، هڪ مخالف دليل اهو به آهي ته هائبرڊ ماڊل هاڻي رڳو عارضي نه رهيو آهي. نون جمهوريتن کي پختگي ڏانهن وٺي وڃڻ لاءِ ٺاهيل “عارضي بندوبست” هجڻ بدران، هي ماڊل هاڻي مضبوط ۽ مستقل ٿيندو پيو وڃي. جيئن جيئن عالمي ۽ ملڪي دٻاءُ وڌن ٿا، هائبرڊ نظام سياسي منظرنامي جو هڪ مستقل حصو بڻجندو پيو وڃي.
اڄ جي پاڪستاني حالتن ۾، هائبرڊ ماڊل هڪ جڙيل، وچولي-حقيقت پسند ۽ عواميت پسندي مخالف ڍانچي جي صورت اختيار ڪري چڪو آهي. هن فريم ورڪ ۾، فوجي اسٽيبلشمينٽ بنيادي انجڻ طور ڪم ڪري ٿي، جڏهن⁠تہ شهري اڳواڻن کي نظام جي حڪمت عملي وارن مقصدن سان هم آهنگ هجڻ جي بنياد تي شامل ڪيو وڃي ٿو.
موجوده سياسي ۽ معاشي رخن کي نظر ۾ رکندي، لڳي ٿو ته هي بندوبست ويجهي مستقبل تائين ملڪ جي غالب سياسي حقيقت طور قائم رهندو. (هي مضمون ڊان اخبار ۾ شايع ٿيو، جيڪو سندن ٿورن سان اسين پنهنجي پڙهندڙن لاءِ پيش ڪريون ٿا. ادارو)

پهنجو تبصرو موڪليو