پاڪستان ۾ دھشتگردي وڌي رھي آھي:شيعا علماءِ ڪائونسل اڳواڻ

پاڪستان ۾ دھشتگردي وڌي رھي آھي:شيعا علماءِ ڪائونسل اڳواڻ

نوشھرو فيروز (ن س)دريا خان مري ۾ ظھير مري مٺل مري ۽ عبدالحفيظ خاصخيلي جي رھائشگاھ تي شيعا علماء ڪائونسل جي صوبائي صدر علامه ڊاڪٽر اسد اقبال زيدي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ دھشتگردي وڌي رھي آھي پشاور ۾ پوليس لائين جي مسجد اندر دھشتگردي ڪري 100 کان وڌيڪ انسانن کي مسجد اندر شھيد ڪيو ويو دھشتگرد وري پاڪستان ۾ دھشتگردي ڪري امن امان تباھ ڪري رھيا آھن ھن چيو ته اسلام پيار محبت ۽ ڀائيچاري سان رھڻ جو سبق ڏئي ٿو اسان کي گھرجي ته پنھنجي ملڪ پاڪستان جي حفاظت لاء گڏجي جدوجھد ڪيون ھن وڌيڪ چيو ته مھانگائي عروج تي آھي غريب عوام اٽي جي لاء پريشان آھي تيل جي اگھن ۾ ڳاٽي ٽوڙ اضافي سبب ھر شئي مھانگي ٿي وئي آھي سنڌ ۾ بيروزگاري سبب عوام خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آھي حڪمرانن کي گھرجي ته مھانگائي تي ڪنٽرول ڪري غريب عوام کي صحت جون سھولتون تعليم سميت بنيادي حق ڏنا وڃن ساڻس گڏ شيعا علماء ڪائونسل ڊويزنل صدر محمد حسين چانڊيو ضلعي صدر سيد زاھد حسين شاھ نائب صدر جميل الرحمان جتوئي ڊاڪٽر باقر لاشاري سٽي صدر ظھير مري محمد مٺل مري استاد غلام حسين مري صابر حسسين مري ۽ ٻيا گڏ ھيا

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو