اسلام آباد (بيورو رپورٽ)نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ موجب ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران وڌيڪ 133 ڄڻن ۾ ڪورونا وائرس جي تصديق ٿي آهي.اين آءِ ايڇ موجب ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي مجموعي شرح 2.7 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.سڄي ملڪ ۾ 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا 4 هزار 917 ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن مرض ۾ مبتلا 15 ڄڻن جي حالت نازڪ آهي.اين آءِ ايڇ پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب لاهور ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 5.36 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.وفاقي راڄڌاني اسلام آباد ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 6.46 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.راولپنڊي ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 1.52 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.










