پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدي تي وزيرن جون صحيحون

پاڪستان ۽ ترڪي وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدي تي وزيرن جون صحيحون

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۽ ترڪي جي وچ ۾ واپاري لاڳاپن ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي آهي، ٻنهي ملڪن وچ ۾ ترجيحي واپاري معاهدو ٿي ويو آهي. اسلام آباد ۾ ٿيل معاهدي جي تقريب ۾ پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف به شرڪت ڪئي. تقريب ۾ پاڪستان جي واپار واري وزير نويد قمر ۽ سندس ترڪ هم منصب ڊاڪٽر محمد موس واپاري معاهدي تي صحيحون ڪيون. ان کان اڳ ترڪي جو واپار وارو وزير ڊاڪٽر محمد موس 2 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي پاڪستان پهتو. واپار واري وزارت جي ترجمان موجب ترڪي جو واپار وارو وزير ترجيحي واپاري معاهدي جي تقريب ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان آيو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو