ترڪي ۽ پاڪستان جي خانگي پروڊڪشن هائوسز پاران گڏيل طور تي ٺهندڙ تاريخي ڊرامي صلاح الدين ايوبي جو ٽريلر جاري ڪيو ويو آهي پر حيرت جي ڳالهه اها آهي ته ان ۾ ڪو به پاڪستاني اداڪار شامل ناهي.ترڪي چينل ٽي آر ٽي جي انسٽاگرام پيج تي شيئر ڪيل ٽريلر ۾ اداڪار اوغر گنيش ڏيکاريو ويو، جيڪو صليبي جنگين سان وڙهندڙ صلاح الدين ايوبي جو مرڪزي ڪردار ادا ڪيو.ٽريلر ۾ ڪردارن کي ڏيکاريو ويو آهي جيڪي بيت المقدس (يروشلم) ۽ ان تي مسلط ٿيل جنگين بابت ڳالهائي رهيا آهن، مختصر عرصي واري ٽريلر ۾ تمام ترڪي اداڪار موجود آهن.










