آءِ ايم ايف سان ٿي سگهيو،ڪجهه معاملن تي اختلاف برقرار

آءِ ايم ايف سان ٿي سگهيو،ڪجهه معاملن تي اختلاف برقرار

اسلام آباد(بيورو رپورٽر)آءِ ايم ايف جو وفد پاڪستان ۽ انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) وچ ۾ نائين جائزي واري ڳالهه ٻولهه مڪمل ٿيڻ کانپوءِ اڄ روانو ٿيندو.آءِ ايم ايف جو وفد 31 جنوري تي پاڪستان آيو هو، جتي هن 10 ڏينهن تائين پاڪستاني اختيارين سان تفصيلي ڳالهيون ڪيون پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ لڳ ڀڳ هر ڳالهه تي اتفاق ٿي ويو آهي، ڪجهه نقطن تي اختلاف آهن، انهن تي فيصلو ڪرڻ آءِ ايم ايف جي دائري ۾ ناهي ناڻي واري وزارت جي سيڪريٽري چيو ته ابتدائي قدم کڻڻ تي آءِ ايم ايف سان معاهدو ٿي ويو آهي، آءِ ايم ايف ايم اي ايف پي جو دستاويز ڏئي ڇڏيو آهي، يقين ڏياريو ويو آهي ته اسٽاف ليول جي معاهدي کي جلد حتمي شڪل ڏني ويندي، آءِ ايم ايف ايم اي ايف پي دستاويز ڏئي ڇڏيا آهن، عملي سطح تي معاهدو جلد يقيني بڻايو ويو آهي، آءِ ايم ايف پاڪستان جي آمدني جا پرڏيهي ذريعن جي تصديق ڪري ڇڏي آهي، قرض معاهدو جلد فائنل ڪيو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته آءِ ايم ايف مشن واشنگٽن کان منظوري کانپوءِ پاڪستان سان معاهدي بابت تفصيلي بيان جاري ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو