پاڪستان: ڪورونا جا وڌيڪ 190 ڪيس ظاهر، 2 مريض فوت

پاڪستان: ڪورونا جا وڌيڪ 190 ڪيس ظاهر، 2 مريض فوت

اسلام آباد(بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن موذي مرض جا 2 مريض فوت ٿي ويا.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي اچي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 1.38 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ وڌيڪ 190 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 119 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين ڪورونا وائرس جا 30 هزار 593 مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 70 هزار 206 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران 13 هزار 735 وڌيڪ ڪورونا وائرس جا ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 1 لک 92 هزار 506 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو