پاڪستان: ڪورونا جا وڌيڪ 118 ڪيس ظاهر، 3 مريض فوت

پاڪستان: ڪورونا جا وڌيڪ 118 ڪيس ظاهر، 3 مريض فوت

اسلام آباد (بيورو)پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جي ڪيسن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي، گذريل 24 ڪلاڪن دوران هن موذي مرض ۾ مبتلا 3 مريض فوت ٿي ويا.ملڪ ڪورونا جي مريضن جي حوالي سان تيار ڪيل لسٽ ۾ 53هين نمبر تي اچي ويو آهي.گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا ڪيسن جي شرح 0.70 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.پاڪستان ۾ وڌيڪ 118 ماڻهن ۾ ڪورونا وائرس جي متاثر ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي.ڪورونا وائرس جي علاج هيٺ 82 مريضن جي حالت ڳڻتي جوڳي آهي.پاڪستان ۾ هن وقت تائين 30 هزار 603 ڪورونا وائرس جا مريض فوت ٿي چڪا آهن.ڪورونا وائرس جي مريضن جو مجموعي انگ 15 لک 71 هزار 413 ٿي ويو آهي.ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جا وڌيڪ 16 هزار 973 ٽيسٽ ڪيا ويا، جڏهن ته هن وقت تائين ڪل 3 ڪروڙ 3 لک 20 هزار 2 ڪورونا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن.اين آءِ ايڇ موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران لاهور ۾ ڪورونا وائرس جي مثبت ڪيسن جي شرح 2.36 سيڪڙو، گلگت ۾ 1.64 سيڪڙو ۽ پشاور ۾ 1.42 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو