لنڊن(ويب ڊيسڪ)اسٽيٽ بئنڪ جي اڳوڻي گورنر رضا باقر چيو آهي ته جيڪڏهن پاڪستان ڊيفالٽ ڪندو ته اهو ڏکيو ۽ ڊگهو مرحلو هوندو.لنڊن ۾ پاڪستان لٽريچر فيسٽيول دوران ’پاڪستان جي معاشي بحران جا سبب‘ تي هڪ سيشن منعقد ڪيو ويو.اجلاس ۾ ڊاڪٽر عشرت حسين، رضا باقر، شبير زيدي ۽ ظفر مسعود پنهنجن خيالن جو اظهار ڪيو.ان موقعي تي ڳالهائيندي رضا باقر چيو ته عالمي مالياتي ادارن سان لاڳاپا ڪجهه مهينن کان بهتر نه آهن، جيڪا ڳڻتي جوڳي ڳالهه آهي.رضا باقر جو چوڻ آهي ته جن مالياتي ادارن تي اسان جو دارومدار آهي، انهن سان لاڳاپا تعميري هئڻ گهرجن، اسان جي پرواهه ڪندڙن کي ڏک نه ٿا پهچائي سگهون.هن چيو ته ڪورونا وائرس جي وبا جو مسئلو وڏو مسئلو هو، اسان ان مان نڪري آيا آهيون، ان مان به نڪرنداسين.










