پاڪستان لاءِ 74 سالن بعد عالمي فٽبال ٽائيٽل کٽرائيندڙ شهڪ بلوچ

پاڪستان لاءِ 74 سالن بعد عالمي فٽبال ٽائيٽل کٽرائيندڙ شهڪ بلوچ

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ”اهڙو گول عام طور تي رونالڊو جهڙا عالمي سطح جا ماهر فٽبالر ڪندا آهن، ڪنهن پاڪستاني فٽبالر پاران اهڙو ڏکيو گول ڪرڻ حيرت جوڳي ڳالهه آهي.“
اهڙو اظهار نوشڪي فٽبال ايسوسيئيشن جي صدر شڪيل جمالديني بي بي سي سان ڳالهائيندي ڪيو. هو پنهنجي شهر جي فٽبالر شهڪ دست بلوچ جي گول جي ڳالهه ڪرندي فخر محسوس ڪري رهيو هو.
پاڪستان جي فٽبال ٽيم اربع ڏينهن مالديپ ۾ ٿيل چار ملڪي ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ افغانستان کي 2-0 تان شڪست ڏئي 74 سالن کان پوءِ ڪنهن بين الاقوامي فٽبال مقابلي جي فائنل ۾ تاريخي فتح حاصل ڪئي.
فٽبال جي عالمي اداري FIFA جي عالمي رينڪنگ ۾ پاڪستان 211 ملڪن مان 198هين نمبر تي آهي، تنهنڪري هن ٽورنامينٽ ۾ پاڪستان جي ڪاميابي کي خاص اهميت ڏني پئي وڃي.
بائيسيڪل ڪِڪ سان تاريخي گول
نوشڪي سان تعلق رکندڙ شهڪ دوست بلوچ هن وقت توجهه جو مرڪز بڻيل آهي. مالديپ جي نيشنل اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فائنل جي 24هين منٽ ۾ هن هڪ شاندار بائيسيڪل ڪِڪ (Overhead Kick) ذريعي پاڪستان کي برتري ڏياري. پاڪستان جو ٻيو گول بلوچ رانديگر هارون حامد ميچ جي آخري لمحن ۾ ڪيو.
بي بي سي سان ڳالهائيندي شهڪ بلوچ چيو ته 74 سالن کان پوءِ ڪنهن بين الاقوامي فٽبال ٽورنامينٽ جي فائنل ۾ پاڪستان جي هي پهرين ڪاميابي آهي.
غربت جي باوجود فٽبال سان عشق
24 ورهين جو شهڪ دوست بلوچ بلوچستان جي ضلعي نوشڪي جي ڳوٺ ڪلي جمالديني جو رهواسي آهي. هو جمالديني قبيلي سان تعلق رکي ٿو ۽ مقامي هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ تائين تعليم حاصل ڪئي.
سندن وڏي ڀاءُ ماجد پاڪو، جيڪو پاڻ به قومي ۽ بين الاقوامي سطح جو فٽبالر رهي چڪو آهي، ٻڌايو ته شهڪ سڀني ڀائرن ڀينرن ۾ ننڍو آهي. جڏهن 2005ع ۾ سندن والد وفات ڪري ويو ته شهڪ جي عمر فقط ٽي سال هئي.
ماجد پاڪو موجب، ميٽرڪ کان پوءِ تعليم جاري نه رکڻ جو هڪ وڏو سبب غربت هو، جڏهن ته ٻيو سبب شهڪ جو فٽبال سان جنون جي حد تائين شوق هو.
ريگستان ۽ پٿريلي ڌرتي مان قومي ٽيم تائين پهچڻ جو سفر
شهڪ ٻڌايو: “مون فٽبال جي شروعات بالاچ فٽبال ڪلب جمالديني کان ڪئي. پوءِ بلوچستان سطح تي کيڏيس ۽ انڊر-19 ٽرائلز لاءِ پنجاب جي شهر ليه ويس، جتي منهنجي چونڊ ٿي.” بعد ۾ سندس چونڊ واپڊا ٽيم ۾ ٿي ۽ پوءِ هو پاڪستان جي سينيئر قومي ٽيم جو حصو بڻيو.
هو 2022-23ع ۾ چيلنج فٽبال ڪپ کٽيندڙ واپڊا ٽيم جو ميمبر رهيو. 2025ع ۾ بلوچستان گولڊ ڪپ ۾ سندس ٽيم نه رڳو فاتح رهي پر شهڪ 11 گول ڪري ٽورنامينٽ جو ٽاپ اسڪورر پڻ بڻيو. 2026ع جي چيلنج ڪپ ۾ به سندس ٽيم ڪامياب رهي، جتي شهڪ 13 گول ڪيا.
بين الاقوامي سطح تي ڪارڪردگي
شهڪ بلوچ موجب، هن افغانستان پريميئر ليگ ۾ 7 ۽ بنگلاديش پريميئر ليگ ۾ 8 گول ڪيا آهن. هو سعودي عرب، نيپال، مالديپ، بحرين، هندستان سميت لڳ ڀڳ 20 ملڪن ۾ فٽبال کيڏي چڪو آهي.
سهولتن کان محروم پر حوصلي ۾ بلند
ماجد پاڪو ٻڌايو ته دنيا جي ٻين ملڪن ۾ فٽبالرن کي جيڪي سهولتون ملن ٿيون، نوشڪي ۾ انهن جو تصور به نٿو ڪري سگهجي. هن چيو ته شهڪ ننڍپڻ ۾ واريءَ ۽ پٿرن سان ڀريل ميدانن ۾ فٽبال کيڏندو هو. پر فٽبال سان سندس بيحد محبت ۽ جنون سبب سهولتن جي کوٽ سندس راهه ۾ رڪاوٽ نه بڻجي.
استاد جو مشاهدو
شڪيل جمالديني، جيڪي ضلعي فٽبال ايسوسيئيشن جو صدر هجڻ سان گڏ شهڪ جو استاد به رهيو آهي، ٻڌايو: “اسڪول ۾ وقفي دوران يا پوءِ جڏهن به شهڪ کي فٽبال کيڏندي ڏسندو هئس ته مون کي سندس اندر غير معمولي صلاحيت نظر ايندي هئي.”
سندن چوڻ هو ته شهڪ ننڍپڻ کان ئي فٽبال لاءِ پاڻ کي ارپيي ڇڏيو هو، مسلسل محنت ۽ جنون سبب قومي ٽيم تائين پهتو.
قومي سطح تي ساراهه
پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف قومي ٽيم کي فائنل کٽڻ تي مبارڪ ڏيندي چيو ته افغانستان خلاف شاندار فتح سڄي قوم لاءِ فخر ۽ خوشي جو باعث آهي. هن چيو: “اسان پنهنجي باصلاحيت رانديگرن جي مستقبل جي ڪاميابين لاءِ به دعاگو آهيون.”
وزيراعظم تعريف ته ڪئي پر 74 سالن ۾ پاڪستان لاءِ عالمي ٽائيٽل کٽيندڙ غريب فٽبالرن لاءِ ڪنهن مالي امداد جو اعلان نه ڪيو
سوشل ميڊيا تي به پاڪستاني فٽبال ٽيم جي هن ڪاميابي تي وڏي خوشي جو اظهار ڪيو پيو وڃي. ڪيترن صارفن جو چوڻ آهي ته خاص طور تي لياري ۽ مڪراني علائقن جا ماڻهو قدرتي طور تي فٽبال جي غيرمعمولي صلاحيت رکن ٿا.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پڻ پنهنجي بيان ۾ هن ڪاميابي کي پاڪستاني فٽبال لاءِ هڪ نئين دور جي شروعات قرار ڏنو.
جڏهن ته سيد محسن گيلاني چيو ته پاڪستاني فٽبال هاڻي عالمي سطح تي پنهنجو مقام ٺاهي رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ ان کان به وڌيڪ سٺا نتيجا سامهون ايندا.

پهنجو تبصرو موڪليو