اسلام آباد (بيورو رپورٽ)قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي صدارت ۾ قومي اسيمبلي ۾ پارلياماني چيف وهپز جي پاڪستاني دوري تي پهتل برطانوي مملڪتي وزير هميش فالڪنر جي سربراهي ۾ برطانوي پارلياماني وفد سان ملاقات ٿي.ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان سميت خطي ۾ امن جو خواهشمند آهي. اياز صادق جو چوڻ هو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پاڪستان لازوال قربانيون ڏنيون آهن. سندس چوڻ هو ته پاڪستان دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪ آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق طرفان فلسطين ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي سنگين ڀڃڪڙين تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ويو. اياز صادق جو چوڻ هو ته موجوده قومي اسيمبلي ۾ متحرڪ مخالف ڌر موجود آهي، مخالف ڌر اهم قومي اشوز جي حل لاءِ ايوان ۾ هڪ مثبت ڪردار ادا ڪري رهي آهي. اياز صادق جو چوڻ هو ته اسپيڪر جي حيثيت سان قومي اسيمبلي جا سمورا ميمبر هن لاءِ برابر آهن. اياز صادق جو چوڻ هو ته پاڪستان موسمياتي تبديلين سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ ملڪن جي فهرست ۾ شامل آهي. اياز صادق جو چوڻ هو ته پاڪستان جو عالمي سطح تي گرين هائوس گيسز جي خارج ٿيڻ ۾ حصو نه هئڻ برابر آهي. برطانوي پرڏيهي وزير هميشه فالڪنر جو چوڻ هو ته پاڪستان ۽ برطانيا وچ ۾ پراڻا لاڳاپا آهن. هن چيو ته برطانيا پاڪستان سان مختلف شعبن ۾ سهڪار جو خواهشمند آهي، پاڪستان برطانيا سان پنهنجي لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو.










