پاڪستان خط تي صحيح ڪري آءِ ايم ايف کي موڪلي ڇڏيو

پاڪستان خط تي صحيح ڪري آءِ ايم ايف کي موڪلي ڇڏيو

اسلام آباد(بيورو) پاڪستان قرض جي واپسي لاءِ عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) پاران موڪليل خط رد ڪري واپس موڪلي ڇڏيو آهي.ناڻي واري وزير مفتاح اسماعيل ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف کي خط آف انٽيٽ واپس ڪري ڇڏيو آهي، ليٽر آف انٽيٽ تي منهنجي ۽ گورنر اسٽيٽ بئنڪ دستخط ڪيا آهن.آرڊيننس ذريعي نوان ٽيڪس لاڳو ڪرڻ بابت سوال تي ناڻي واري وزير چيو ته ان حوالي سان ڪو به فيصلو وزيراعظم ڪندو.شگر ملن کي اضافي کنڊ برآمد ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ بابت سوال تي مفتاح اسماعيل چيو ته سمري اقتصادي رابطا ڪميٽي وٽ ايندي ئي فيصلو ڪيو ويندو.هن چيو ته اسان کي برآمدات تي ڌيان ڏيڻو پوندو، چانور، ڪڻڪ، ڪمند ۽ ڪپهه ۾ پاڪستان ڀارت ۽ چين کان پوئتي آهي، جڏهن ته پاڪستان ۾ آبادي 2.4 سيڪڙو جي شرح سان وڌي رهي آهي، پاڪستان ۾ پاڻي جي دستيابي به وڏو مسئلو آهي. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته ساڍا 4 ارب ڊالرن جو پام آئل خريد ڪيو ويو آهي جڏهن ته هن سال 450 ملين ڊالرن جي ڪڻڪ درآمد ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو