سيوهڻ (ن سنڌيار) وقتي مقرر گورنر سنڌ آغا سراج خان دراني وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه سان گڏ مزار قائد تي حاضري ڀري ۽ فاتحه خواني ڪئي، ملڪ ۽ صوبي جي ترقي ۽ سلامتي لاءِ دعا پڻ گهري. وقتي مقرر گورنر سنڌ مزار تي رکيل مهمانن جي ڪتاب ۾ باباءِ قوم جي باري ۾ تاثرات به درج ڪيا. وقتي مقرر گورنر سنڌ آغا سراج خان دراني ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته قائد اعظم محمد علي جناح هر حق کان محروم مسلمانن کي پنهنجي ولوله انگير اڳواڻي ذريعي آزادي ڏياري. هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن برصغير جا مسلمان مايوسي ۽ نااميدي جو شڪار هئا . محمد علي جناح هڪ منتشر قوم جي ڪمان سنڀالي انهن ۾ جوش ۽ جذبو پيدا ڪيو. وقتي مقرر گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته قائد اعظم انگريزن ۽ هندن کي اکين ۾ اکيون وجهي ٻڌايو ته مسلمان غلامي هرگز قبول نه ٿا ڪري سگهن. هن چيو ته قائد اعظم پنهنجي صحت جي پرواهه ڪرڻ کان بغير برصغير جي مسلمانن جي لاءِ هڪ آزاد ملڪ کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ اڻٿڪ جدوجهد ڪئي ۽ قراداد پاڪستان منظور ٿيڻ کان صرف 7 سال بعد پاڪستان جي خواب کي عملي جامو پهرايو ۽ اهڙي ريت محمد علي جناح مختصر عرصي ۾ مسلمانن کي آزادي ڏياري ناممڪن کي ممڪن بڻائي ڇڏيو. وقتي مقرر گورنر سنڌ چيو ته هي ملڪ باباءِ قوم جو اسان تي احسان آهي، پاڪستان جي موجوده حالتون ۾ قائد جي رهنما اصولن کي اپنائڻ جو تقاضو ڪن ٿيون. هڪ فلاحي معاشري جي تشڪيل سان ئي عظيم قائد جي خواب کي ساڀيان ملي سگهي ٿي. سنڌ صوبي ۾ موجوده ٻوڏ جو تذڪرو ڪندي وقتي مقرر گورنر سنڌ اپيل ڪئي ته صوبي ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد جي لاءِ سياست ڇڏي هڪ ٿي انهن لاءِ جلد بحالي جو ڪم ڪن ڇو ته سنڌ ۾ ٻوڏ وڏي پيماني تي تباهي مچائي آهي. قائد جي رهنما اصول ڪم، ڪم ۽ صرف ڪم ڪرڻ سان ئي هن قدرتي آفت کان نجات ملي سگهي ٿي. وقتي مقرر گورنر سنڌ چيو ته مونکي يقين آهي ته اسان ڏينهن رات محنت ڪري تمام جلد هن مشڪلات مان نجات حاصل ڪندا سين. وقتي مقرر گورنر سنڌ وڌيڪ چيو ته صوبائي حڪومت ۽ وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي لاءِ ڏينهن رات ڪم ڪري رهيو آهي ۽ ان کان علاوه پوري قوم يڪجهتي ۽ اتحاد جو مظاهرو ڪندي ٻوڏ متاثرن جي بحالي جي لاءِ مدد ڪري رهي آهي. وقتي گورنر سنڌ آغا سراج دراني چيو آهي ته سنڌ صوفين ۽ بزرگن جي دعائن سان هميشه آباد رهندي، عرس مبارڪ جي موقعي تي لطيف سرڪار جي درگاھ تي حاضري ڀري سنڌ توڙي ملڪ جي خوشحالي، برسات متاثرن جون تڪليفون ختم ڪرڻ لاءِ دعا گهري آهي. اهڙو اظهار اڄ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي 279 هين عرس مبارڪ جي موقعي تي مزار تي چادر چاڙهي فاتحه پڙهڻ کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪري رهيو هو. ياد رهي ته سنڌ ۾ حاليه تيز برساتن ۽ ٻوڏ سبب عرس مبارڪ جون سموريون سرڪاري تقريبون ملتوي ڪيون ويون آهن. وقتي گورنر آغا سراج دراني ميڊيا سان ڳالهائيندي وڌيڪ چيو ته شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جو پيغام امن جو پيغام آهي ۽ اسين سندس ان امن واري پيغام تي عمل پيرا آهيون. هن چيو ته قدرتي آفت سبب سموري سنڌ ۾ نقصان ٿيو آهي. هن چيو ته زندگيءَ ۾ ايتري برسات ناهي ڏٺي، ڪو ڳوٺ ناهي بچيو جتي نقصان نه ٿيو ھجي. وقتي گورنر وڌيڪ چيو ته متاثرن جي مڪمل بحاليءَ لاءِ عوام جي مدد به گهربل آهي. هن چيو ته گڏيل قومن جي جنرل سيڪريٽري به ٻوڏ متاثر علائقن جو دورو ڪيو آهي، هن گلوبل وارمنگ جو ذميوار ترقياتي ملڪن کي قرار ڏنو آهي. آغا سراج دراني چيو ته اقوام متحده جي سيڪريٽري جنرل پڻ دنيا جي سرندي وارن ملڪن کي متاثرن جي مدد لاءِ اپيل ڪئي آهي. هن چيو ته برسات ۽ ٻوڏ متاثر وڏي تڪليف ۾ آهن ۽ سندن شڪايتون جائز آهن. هڪ سوال جي جواب تي وقتي گورنر آغا سراج دراني چيو ته سراج الحق جيڪو چئي ٿو ان سان فرق نه ٿو پوي، الزام هڻڻ آسان آهي، اسان عوام جي خدمت ڪريون پيا. هن چيو ته اسان سياست نه خدمت ڪريون پيا، پيپلزپارٽي حڪومت جو فرض آهي ته هر متاثر جي مدد ڪيون. وقتي گورنر چيو ته هر علائقي جو الڳ مسئلو آهي، حڪومت ڀرپور ڪوشش ڪري پئي ته متاثرين جلد کان جلد پنهنجن اباڻن ڪکن ڏانهن روانا ٿين. ان کان اڳ وقتي گورنر سنڌ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي مزار جي احاطي ۾ شاهه جو راڳ ٻڌو ۽ غريب مستحق عورتن ۾ تحفا تقسيم ڪيا.










