پاڪستان جي قرضن ۾ 907 ارب رپين جو اضافو

پاڪستان جي قرضن ۾ 907 ارب رپين جو اضافو

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان پنهنجي اعلان ۾ چيو آهي ته پاڪستان حڪومت جو قرض تمام گهڻو ٿي ويو آهي.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي بيان موجب جولاءِ دوران پاڪستان جي قرضن ۾ 907 ارب رپين جو اضافو ٿيو آهي.بيان ۾ اسٽيٽ بئنڪ چيو آهي ته جولاءِ 2023ع جي آخر تائين حڪومت جو قرض 61 هزار 700 ارب رپين تائين پهچي ويو آهي.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته هڪ مهيني دوران حڪومت جو قرض اڍائي سيڪڙو وڌي ويو آهي.بيان ۾ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جو چوڻ آهي ته پاڪستان حڪومت جو ڪل قرض 39 هزار ارب رپيا آهي.اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان جي بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته حڪومت جو پرڏيهي قرض 22 هزار 73 ارب رپيا آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو