ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه دفاع واري ڏهاڙي تي پنهنجي پيغام ۾ پاڪ فوج جي قربانين کي ساراهيندي چيو آهي ته پاڪ فوج جي قربانين سبب اڄ اسان آزادي سان سک جو ساهه کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته 6 سيپٽمبر اسان جي فوجي تاريخ جو اهم ڏينهن آهي. ان ڏينهن پاڪستان جي هٿياربند فوج ۽ سڄي قوم ڀارتي جارحيت خلاف پنهنجي آزادي ۽ وقار جو دفاع ڪيو. هن چيو ته هي ڏينهن تاريخ ۾ هميشه روشن باب جيان ياد رکيو ويندو. هن چيو ته 6 سيپٽمبر تي اسان جي پاڪستاني فوج دشمن جي توپن اڳيان سينو تاڻي بيٺا ۽ دشمن کي پوئتي هٽڻ تي مجبور ڪيو. هن چيو ته 6 سيپٽمبر تي اسان جي فوج وڏي بهادري جو مظاهرو ڪندي دشمن کي شڪست ڏني. سنڌ جي وڏي وزير شهيدن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته پوري قوم کي پاڪ فوج تي فخر آهي. هن چيو ته پاڪ فوج تازين برساتن کانپوءِ ٻوڏ واري صورتحال ۾ سنڌ حڪومت جو ڀرپور ساٿ ڏنو آهي ۽ متاثرين کي ضروري سامان فراهم ڪرڻ ۾ پڻ اڳڀري رهي. وڏي وزير وسنديءَ وارن ۽ انسان دوست ماڻهن تي زور ڀريو ته اهي ٻوڏ متاثرين جي دل و جان سان مدد ڪن ڇوته هي اسان جي آزمائش جو وقت آهي.










