گڊو (ن س )گڊو پاور هائوس مان رات دير سان چوري ڪرڻ دوران ڪيبل کي باهه لڳڻ سبب 3 مبينا چور زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، سندن سڃاڻپ نه ٿي سگهي. زخمي مبينا چورن کي گڊو اسپتال نيو ويو، اسپتال بند هئڻ سبب کين تعلقي اسپتال ڪشمور منتقل ڪيو ويو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ٽنهي ڄڻن جو 80 سيڪڙو جسم سڙي ويو آهي، کين وڌيڪ علاج لاءِ رحيم يار خان اسپتال منتقل ڪيو ويو.










