پارليامينٽ مان نا اميد نه ٿيڻ گهرجي، خورشيد شاهه

پارليامينٽ مان نا اميد نه ٿيڻ گهرجي، خورشيد شاهه

سکر(بيورو رپورٽ)پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد خورشيد احمد شاهه جو چوڻ آهي ته مون کي پارليامينٽ جي بالا دستي جي ڳالهه ڪرڻ جي سزا ملي رهي آهي. ملڪ جون حالتون ٺيڪ نه آهن، پارليامنٽ ۾ شور ٿيندو آهي پر جيڪو ڪجهه ٿيو ائين ناهي ٿيندو. اهڙو اظهار هن  سکر جي احتساب عدالت ۾ پيشي جي موقعي تي عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيوته قوم مايوس ٿي چڪي آهي، پر پارليامينٽ مان نا اميد نه ٿيڻ گهرجي، ملڪ ۾ ڌماڪا ٿي رهيا آهن عوام خوف ۾ آهي، هن وقت قومي مسئلن تي گڏجي ڳالهيون ڪرڻ گهرجن، خورشيد شاهه چيو ته حڪومت اپوزيشن کي ختم ڪرڻ بجاءِ قومي مسئلن تي ڌيان ڏيئي ته مسئلا حل ٿي سگهن ٿا، حڪومت کي فوري طور اپوزيشن کي اعتماد ۾ وٺڻ گهرجي، اهڙي ڪهڙي اپوزيشن هوندي جو چاهيندي ته ملڪ جون حالتون خراب هجن، اسان کي سمورن پاڙيسرن ملڪن جي حالتن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو آهي ته اڄ ملڪ جو عوام پيدا ٿيندي ئي ٻن لکن جو قرضي ٿي وڃي ٿو، اسان جي دور ۾ 75 هزار جو قرضي هو، فيصلو عوام کي ڪرڻ ڏيو، ته ڪير بهتر آهي، اسان کي ڪوشش ڪري ملڪ کي گري لسٽ مان ڪڍڻ گهرجي. هن چيو ته مان 32 سال ڪرپشن جي خلاف وڙهيو آهيان، ان جي سزا مون کي ڏني پئي وڃي، مان سياستدان آهيان صبر سان برداشت ڪري رهيو آهيان، اسان زراعت جي ذريعي ئي ملڪ جي معيشت بهتر ڪري سگهون ٿا. هن چيو ته هن مهل تائين زراعت کي نظر انداز ڪيو ويو ۽ حالت اها آهي ته داليون به ٻاهران ٿا گهرايون.

پهنجو تبصرو موڪليو