اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر)آرمي چيف جنرل عاصم منير جو چوڻ آهي ته پاڪستان جي ڪشش ثقل جو مرڪز عوام آهي. اهڙو اظهار هن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٿيل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. قومي اسمبلي ۾ بند ڪمري ۾ گهرايل اجلاس ۾ شرڪت لاءِ جيئن ئي آرمي چيف داخل ٿيو ته اسيمبلي ميمبرن ۽ وفاقي وزيرن ڊيسڪ وڄائي سندس آجيان ڪئي. اجلاس کي انٽيليجنس ادارن جي سربراهن ملڪي سلامتي جي صورتحال تي بريفنگ ڏني. ذريعن موجب اجلاس ۾ آرمي چيف 1973ع جي آئين تي عملدرآمد جا 50 سال پورا ٿيڻ تي ميمبرن کي مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته مان آئين ٺاهيندڙن کي خراج پيش ٿو ڪريان. هن چيو ته آئين جو سينٽر آف گريوٽي پاڪستان جو عوام آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته پاڪستان جو آئين ۽ پارليامينٽ عوام جي راءِ جي عڪاسي آهن، عوام پنهنجي راءِ جو استعمال آئين ۽ پارليامينٽ ذريعي ڪندو آهي نيشنل سڪيورٽي جي ان ڪئميرا اجلاس کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته هي نئون آپريشن نه پر پوري ملڪي اپروچ آهي.اهو رياست جي سڀني عنصرن تي عوام جي غيرمتزلزل اعتماد جي عڪاسي ڪري ٿو، الله جي فضل سان هن وقت پاڪستان ۾ ڪو به علائقو نه آهي.هن چيو ته ان ڪاميابي جي پويان شهيدن ۽ غازين جو وڏو هٿ آهي، شهيدن ۽ غازين پنهنجي رت سان هن ملڪ کي آباد ڪيو. جن ۾ 80 هزار کان وڌيڪ جوانن قربانيون ڏنيون، جن ۾ 20 هزار کان وڌيڪ غازين ۽ 10 هزار کان وڌيڪ شهيدن جو رت شامل هو.آرمي چيف چيو ته هي مهم آهي جيڪا اڳ ۾ منظور ٿيل ۽ جاري اسٽريٽجڪ ڳالهين ۽ پاڪستان جي رياست جي ترقي تي ٻڌل آهي.هن مهم ۾ سيڪيورٽي ادارن کانسواءِ حڪومت جا سمورا عنصر شامل هوندا.جنرل عاصم منير چيو ته دهشتگردن وٽ رياست جي رٽ قبول ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو رستو ناهي. دهشتگردن سان ڳالهين جا نتيجا انهن جي وڌيڪ گروپن جي صورت ۾ سامهون آيا،ملڪ ۾ امن امان برقرار رکڻ لاءِ سڪيورٽي فورسز تيار آهن، ان سلسلي ۾ روزاني جي بنياد تي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ڪيا پيا وڃن.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ عمران خان جي حڪومت ۾ ٽي ٽي پي سان ٿيل معاهدن، ٽي ٽي پي جي آزاد ڪيل شدت پسندن ۽ افغانستان مان واپس آيل شدت پسندن جي ڪري ملڪ ۾ خاص ڪري خيبر پختونخوا ۾ شدت پسندي ۾ اضافو ٿيو. ان کان اڳ وزايراعظم ابتدائي ڪلمات ۾ مهمانن کي ويلڪم ڪندي چيو ملڪ ۾ دهشتگردي جي وارداتن خاص ڪري ڪي پي ۾ واڌ جو سبب عمران خان حڪومت جي غلط پاليسيون آهن جنهن تڪڙ ۾ شدت پسندن سان ملڪ واپسي جو معاهدو ڪيو، پارليمان کي اعتماد ۾ نه ورتو ويو، هن چيو ته ڪي پي حڪومت کي اربين روپيا جاري ڪيا ويا پر هنن نيشنل ايڪشن پلان تي عمل نه ڪيو، پوليس ۽ سي ٽي ڊي کي تربيت ۽ جديد اسلحو ڏيڻ م ڪوتاهي ڪئي. ذريعن موجب وزيراعظم ملڪ ۾ جاري معاشي بحران جو ذڪر ڪندي چيو آءِ ايمن ايف سان جلد معاهدو ٿي ويندو ۽ ملڪ ڊيفالٽ کان اسين بچايو آهي. هن آئيني بحران جو به ذڪر ڪيو ته آئين ۾ هر اداري جي واضح اختيارن جي حدبندي جي باوجود عدليا پارليمان جي اختيارن م مداخلت ڪري پئي.










