پئسا ڇو گهريا، ڊرائيور جو  نينگر تي گاڏي چاڙهي ڇڏي،اسپتال داخل

پئسا ڇو گهريا، ڊرائيور جو نينگر تي گاڏي چاڙهي ڇڏي،اسپتال داخل

ڪراچي (رپورٽ باغي ساگر پنھوار ) ڪراچي نادرن پاس ٽول پلازه وٽ صفائي واري ڪپڙي جا پئسا گهرڻ تان بدمست بس ڊرائيور پورهيت نينگر مٿان بس چاڙهي ڇڏي نينگر چيڀاٽجي سخت زخمي اسپتال داخل. بس جا سي سي ٽي فٽيج حاصل ٿيڻ باوجود پوليس بس ڊرائيور کي گرفتار نه ڪري سگهي رپورٽ موجب ڪراچي نادرن باء پاس گلشن سيد ٽينٽ سٽي ۾ رهندڙ ٻوڏ متاثر نينگر آفتاب چانڊيو ٽول پلازه نادرن باء پاس وٽ پيٽ گذر ڪرڻ لاءِ گاڏين کي صاف ڪندڙ ڪپڙا وڪرو ڪندي هڪ بس ڊرائيور کي ڪپڙا ڏئي ڏنل ڪپڙي جا بس ڊرائيور کان پئسا گهريا جنهن تان مڇرجي بدمست ڊرائيور کيس ڌڪو ڏئي ڪيرائي وڌو ۽ سندس مٿان بس چاڙهي فرار ٿي ويو. بس هيٺان چيڀاٽجي زخمي ٿيندڙ نوجوان آفتاب چانڊيو کي سول اسپتال ڪراچي ٽراناما سينٽر داخل ڪيو آهي جتي سندس حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. هوڏانهن نينگر جي وارثن طرفان بس جا سي سي ٽي وي فٽيجز هٿ ڪري ورتا آهن.جنهن ۾ بس نمبر JA 9953 جي ڊرائيور طرفان ڄاڻايل حرڪت ڪئي وئي آهي. سي سي ٽي فٽيجز ملڻ باوجود به پوليس بس ڊرائيور کي گرفتار ناهي ڪري سگهي. متاثر نينگر جي وارثن پوليس اختيارين کان گهر ڪئي آھي ته بس کي تحويل ۾ وٺي بدمست بس ڊرائيور کي گرفتار ڪري سخت سزا ڏني وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو