پ پ جو  پنجاب جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو

پ پ جو پنجاب جي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان پيپلز پارٽي پاران پنجاب ۾ چونڊن ۾ حصو وٺڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.سُپريم ڪورٽ جي فيصلي کانپوءِ پارٽي جي سينيئر اڳواڻ فريال ٽالپر سينٽرل پنجاب جي سمورن ڊويزن جو زوم اجلاس سڀاڻي طلب ڪري ورتو آهي.ذريعن موجب اجلاس ۾ شرڪت جي حوالي سان لاهور اربن ۽ رورل، ساهيوال، گوجرانوالا، سرگوڌا، فيصل آباد ۽ راولپنڊي ڊويزن کي هدايتون جاري ڪيون ويون آهن.ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ ڊويزنل ۽ ڊسٽرڪٽ صدرن ۽ جنرل سيڪريٽري چونڊ تيارين تي آگاهي ڏيندا.ذيعن موجب اجلاس ۾ سينٽرل پنجاب جي 202 چونڊ تڪن جي اميدوارن جو حتمي شڪل ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو