ٽنڊو محمد خان )ن سنڌيار) ٽنڊو محمد خان مان عدالتي ڇاپي دوران پ پ اڳواڻ حارث صبحپوٽو جي جڳھ تان برسات متاثرين جو سامان برآمد ، سندس خلاف سٽي ٿاڻي تي ايف آءِ آر داخل ، خبر موجب ٽنڊو محمد خان ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي حڪم تي فريادي محمد جمن ملاح جي ڏنل درخواست تي سول جج عبدالستار گوپانگ ، سول جج نديم احمد ٻرڙو شهر جي احمد آباد گولڊن سٽي ڪالوني مان پوليس ۽ روينيو جي عملدارن سان گڏ ڇاپو هڻي پ پ اڳواڻ حارث صبحپوٽو جي جڳھ تان 170 برسات متاثرين جي لاءِ آيل ٽينٽ ۽ ٻيو سامان برآمد ڪري ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جا احڪامات جاري ڪيا جنهن جي بعد سٽي ٿاڻي تي بلڙي شاھ ڪريم جي مختيارڪار عبدالڪريم خاصخيلي جي فرياد تي سٽي پوليس قلم 419 ، 420 ، 380 تحت پ پ اڳواڻ حارث صبحپوٽو جي جڳھ مان برسات متاثرين جو سامان برآمد ٿيڻ جي ايف آءِ آر داخل ڪئي ويئي آهي ، پ پ اڳواڻ حارث صبحپوٽو جي جڳھ مان برسات متاثرين جي سامان برآمد ٿيڻ باوجود پوليس ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه آندي آهي ، چيو وڃي پيو ته پ پ اڳواڻ حارث صبحپوٽو ايم پي اي جو خاص ماڻهو آهي .










