خانپورمهر(ن سنڌيار) خانڳڙھ ٽائون ڪميٽي جي 2 وارڊ تي آر او پاران پ پ اميدوار ممتاز گڏاڻي ڪامياب قرار ڏنو. جي ڊي اي اميدوار پاران غير قانون رزلٽ ۾ ڦير ڪري هاريو ويو آهي جي ڊي اي اميدوار پاران عدالت م وڃن جو اعلان. خبرموجب خانپورمهر جي ٽائون ڪميٽي خانڳڙھ جي هڪ وڌيڪ وارڊ تي پ پ اميدوار ڪامياب ٿي ويو وارڊ نمبر 2 جي پ پ اميدوار ممتاز گڏاڻي کي 523 ووٽ کڻڻ تي ڪاميابي قرار ڏئي ڇڏيو.جي ڊي اي اميدوار خالد سمعون 504 ووٽ کڻي سگهيو .آرو او خانڳڙھ ارشاد علي بلوچ پاران جاري ڪيل رزلٽ ۾ پ پ اميدوار کي ڪامياب قرار ڏئي ڇڏيو.خانڳڙھ ٽائون جي وارڊ نمبر 2 تي پهرين ڏينهن ڪامياب قرار ڏنل خالد سمون پاران غير قانوني رزلٽ تبديل ڪرڻ جا الزام لڳايا آهن خالد سمون پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي تہ آئون ڪامياب قرار ڏنو ويو آهيان سڀني جي سامهون لکت ۾ رزلٽ ڏنو ويو. منهنجي رزلٽ کي غير قانوني طريقي سان ڦير ڦار ڪري مونکي هارايو ويو آهي جيڪو عمل تمام غلط آهي هن چيو ته آئون سڄو ڏينهن آر او آفيس ۾ ويٺو رهيس پر آر او ملڻ لاءِ بہ تيار نہ آهي جيڪا ناانصافي آهي آئون آر او توڙي ملوث عملي خلاف عدالت ويندس ۽ رزلٽ ۾ ڦير ڦار واري معاملي تي خاموش نہ ويهندس. هوڏانهن پ پ جي وڌيڪ اميدوار جي ڪاميابي بعد ٽائون ڪميٽي خانڳڙھ جي 6 وارڊن مان 5 وارڊ پ پ پنهنجي نالي ڪري ورتا. ڪامياب ٿيل اميدوارن ۾ گھنشام داس. عبدالرزاق خان مهر. عبدالرشید مهر. ممتاز علي. ايڊووڪيٽ پرديپ ڪمار چوهاڻ شامل آهي










