ڪراچي(ويب ڊيسڪ)دنيا ۾ هڪ انوکو هيڊ فون متعارف ڪرايو ويو آهي، هي پهريون هيڊ فون آهي جيڪو نه رڳو آواز کي ڊوائيسن کان ڪنن تائين منتقل ڪندو پر توهان کي آلوده ماحول جي نقصانڪار اثرن کان به بچائيندو. سنگاپور جي ڪمپني ڊيوسن پنهنجي پهرين ويري ايبل پراڊڪٽ هيڊ فونز جي صورت ۾ متعارف ڪرائي آهي، جنهن ۾ شور کي رد ڪرڻ سان گڏ هوا صاف ڪرڻ جو نظام به شامل آهي. هيڊفونز جي هيٺان پڻ هڪ الڳ ٿيڻ وارو حصو آهي جيڪو منهن کي ڍڪيندو ۽ ماسڪ جو ڪم ڏيندو آهي. اهو حصو توهان جي چوڌاري هوا کي فلٽر ڪري ٿو ۽ ان کي توهان جي نڪ ۽ وات تائين پهچائي ٿو، جيئن توهان پنهنجي منهن جي هيٺئين حصي ۾ پورٽيبل فين لڳايو هجي.










